تحريڪ انصاف جو جن ۽ جھانگير ترين جي بوتل

0
243
خبردار! سوال ڪرڻ منع آهي!

عمران خان ڪجھه وقت اڳ تائين صحافين ک ڏوراپا ڏيند هو. هر ٽي وي پروگرام ۾ هڪ ن ليگ جو سياستدان، ٻيو پيپلزپارٽي جو ۽ سندس چواڻي وچ ۾ “ويچارو” اسان جو تحريڪ انصاف جو صرف هڪ “ماڻهو” دفاع ڪند رهي ٿو.
ٻن جو مقابلو هڪ سان، ڄڻ سراسر نا انصافي، خاص طور جڏهن ٽي وي اسڪرينن تي ئي سياسي ۽ غيرسياسي ويڙهه وڙهي ويندي هجي . پر اڄ ڪلهه هر شام ٽي وي اسڪرينن تي معاملو ابتو نظر اچي ٿو. پيپلزپارٽي يا ن ليگ جو هڪ سياسي اڳواڻ جڏهن ته تحريڪ انصاف جا ٻه سياسي اڳواڻ پروگرام ۾ شامل هوندا آهن. هڪ جي نالي جي تختي تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ ٻئي جي سڃاڻپ جھانگير ترين گروپ جي اڳواڻ طور هوندي آهي.
ڪجھه وقت اڳ تائين عمران خان صاحب جي حڪومت جو دنگل اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم سان هو. لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ۽ ملڪ ۾ موجود زرداري اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا سياسي دائو پيچ ويڙهائڻ لاءِ پنهنجي اولادن يعني مريم ۽ بلاول کي ميدان ۾ لاٿو هو. هڪ جو اسٽيبليشمينٽ مخالف نظريي ذريعي ۽ ٻئي جو ان ڌار ذريعي پنهنجي مٺي ڇري تيز ڪري مستقبل سنوارڻ مقصد هو.
مولانا عمران خان سان ذاتي ويڙهه ۾ تمام اڳتي وڃي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ گهري رهيو هو. ن ليگ ۽ زرداري جي چالن کان آخر ڪار دل کٽي ٿي پيس ۽ خاموشي جو رستو اختيار ڪري ورتائين. معاملو ڄڻ منجھي ويو، زرداري ۽ ن ليگ جي رسن ۾ سمجھوتن ۽ مصلحتن جي وڏي ڀِت اچي وئي. خان صاحب جا ساٿي اڃان ڪاميابين جا شادمانا وڃائڻ ۾ مصروف هئا ۽ سمجهي رهيا هئا ته اپوزيشن سندن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ قائم لاڳاپن ۾ ڏار وجھڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ايندڙ ٻن سالن جو باقي مدو حڪومت کي بنا رنڊڪ جي سفر طئي ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويو آهي، پر هڪدم پنهنجي ئي گھر ۾ معاملا خراب ويا.
صبح جو سج اڃان اڀريو ئي نه هو جو رات جو نشو لهي ويو. خان صاحب جي ساڄي هٿ جھانگير ترين ڌماڪو ڪري ڏنو. کٻي سڄي تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر، ڪنهن جي دعويٰ ته ٽيهه ۽ ڪنهن جي چاليهه، پر تعداد ايترو ضرور هو جو تحريڪ انصاف جي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي ڪمزور ساهن کي روڪي ڇڏي.
جھانير ترين “هم خيال گروپ” جو ٽائيٽل. ترين جي وفادارن ۽ جانثارن جو قافلو هڪ قدم تحريڪ انصاف جي گھر جي چائنٺ جي ٻاهر ۽ ٻيو گھر جي اندر. جھانگير ترين شوگر اسڪينڊل جي ڄار ۾ گذريل سال اهڙو ڦاٿو جو خان صاحب سان ماضيءَ جون ويجھڙائيون، نه ختم ٿيندڙ مفاصلن ۾ بدلجي ويون. هاڻي هن جا اهي وفادار ترين جي “حق ۽ باطل” جي ويڙهه وڙهڻ چاهين ٿا. ماڻهو ترين کي شوگر اسڪينڊل ۾ ڦاسائڻ جي ذميواري عمران خان جي اعتماد واري بيورو ڪريٽ اعظم خان ۽ شهزاد اڪبر تي وجھي رهيا آهن.
معاملو منجھندو ئي ويو. سوشل ميڊيا جي صارفين جون نگاهون فلسطين مسئلي تي کُتل هيون جو عمران خان جي ساٿين I stand with Imran Khan جي هيش ٽيگ سان ٽوئيٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. پوءِ اسد عمر هجي يا مليڪا بخاري يا شفقت محمود. ايئن لڳو ڄڻ ڪا بغاوت ٿي وئي هجي.
عمران خان کي ترين گروپ جي ميمبرن سان ملاقات ڪرڻي پئي. بئريسٽر ظفر کي اسڪينڊل جي تحقيق لاءِ ۽ جھيڙي جي نبيري لاءِ “جج” مقرر ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي سان تعلق رکندڙ تحريڪ انصاف جا ميمبر، جيڪي هاڻي خان صاحب سان گڏ گڏ ترين جي وفاداري جو ئي دم ڀرين ٿا، انهن جي ڏوراپن شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ بوزدار ملاقاتون ڪندو ٿو وتي. انهن جا “جائز” ڪم ڪرڻ لاءِ ٽي ڀيرا ڪنڌ ڌوڻي “سڀ قبول آهي” چئي رهيو آهي.
تحريڪ انصاف جي اتحادين جي سهاري تي بيٺل وفاقي ۽ پنجاب حڪومت لاءِ ترين جي انهن “وفادارن” جي عليحدگي مهانگي پئجي سگھي ٿي. ڇو جو بجيٽ جو سيشن اچڻ وارو آهي. تڏهن ئي ته ناز نخرا برداشت ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن بجيٽ نامنظور ٿي ته حڪومت کي فارغ سمجھو. شايد ان صورتحال کي منهن ڏيڻو نه پوي، پر حڪومت جي هنج ۾ نِرڙ تان وهندڙ پگھر جا داغ ته ڏسي سگھجن ٿا. ان ڪري عمران خان جو وڏو امتحان آهي ته بجيٽ منظور ڪرائي وڃي.
اتحادي ڀلي چوڌري ڀائر هجن يا ايم ڪيو ايم. حمايت ڪنهن جي ڏڍ تي قائم دائم آهي، ان لاءِ ڪنهن پرک جي ضرورت ناهي. ترين سان گڏ ڀڪر جو مشهور “نواني” سياسي خاندان هجي يا ڏکڻ پنجاب جو لنگڙيال، ڪير ڪنهن جي پويان ۽ اڳيان جو ڇا ٿيندو؟
ڇا حڪومت شهباز جي لنڊن وڃڻ تي پابندي لڳائڻ سان ناراضگي ته ناهي کنئي! شهباز ڪنهن جي آشيرواد سان ڀاءُ لاءِ پيغام ته کڻي نه پئي ويو. مريم ۽ نواز جي ڪجھه خاموشي جو مطلب ڪٿي “شهباز_اسٽيبلشمينٽ هم آهنگي” ته ناهي؟ سياسي ڌرين ۾ چئو ٻول.
شهباز شريف هميشه پنهنجي پاڻ کي هڪ ٻه واٽي تي بيٺو ڏسي ٿو. وڏي ڀاءُ سان اختلاف راءِ رکڻ باوجود نه بغاوت ڪري سگھي ٿو ۽ نه مريم کي اڻ اعلانيل طور سياسي جانشين مقرر ڪرڻ کان انڪار. ۽ نه ن ليگ جون واڳون آزاداڻي نموني سنڀالي سگھي ٿو، ڇو جو ن ليگ جا ووٽر نواز شريف يا مريم نواز سان سلهاڙيل آهن.
هن وقت شهباز ن ليگ ۾ اسٽيبلشمينٽ مخالف نظريي، جنهن تي پارٽي ۾ اختلاف موجود آهن، ان جي شدت گھٽائي مفاهمتي رستا سڌا ڪرڻ چاهيندو.
پي ڊي ايم ۾ پيپلزپارٽي جي واپسي ۽ زرداري سان گڏجي پارلياماني احتجاج سان حڪومت جي چوڌاري گھيرو تنگ ڪندو نه ڪي لانگ مارچ يا استعيفائن جي سياست تي زور هوندو. نواز شريف ۽ زرداري سمجھن ٿا ته مسئلن ۾ گھيريل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ته “پرفارمنس جي بنياد” تي ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار ماڻڻ جا چانس گھٽجي ويندا.
شهباز ۽ زرداري ذميوار ڌرين تائين پهچ جي رستن کي ايندڙ چونڊن تائين ڪنهن رنڊڪ کان بنا طئي ڪرڻ چاهين ٿا. افغانستان مان آمريڪي واپسي کانپوءِ هڪ بحران جو خطرو موجود آهي، پر ملڪ جي موجوده صورتحال جي پسمنظر ۾ وڏي سياسي تبديلي مشڪل نظر اچي ٿي. شهباز شريف جو ساٿي چوڌري نثار پارلياماني سياست ۾ واپسي لاءِ تيار آهي.
چوڌري نثار نواز شريف جي اسٽيبلشمينٽ مخالف پاليسين کان ناراض هو، پر شهباز شريف سان گهاٽو لاڳاپو قائم آهي ۽ شايد ان جي ڪري پنجاب جي سياسي ڌرين ۾ تبديلين جا افواهه گرم آهن. پر ان جي واپسي به مستقبل ۽ ايندڙ چونڊن جي سياست جي چوڌاري گھمندي نظر اچي ٿي. سياسي منظر نامي تي نئين صفبندين جون تياريون پس منظر ۾ جاري آهن. اقتدار جي راهدارين جي وچ تي بيٺل سمجھن ٿا ته “ذميوار حلقن جي سوچن جي گھڙي جون سيون سڀاڻي جي تاريخ تي ٻڌل آهن ۽ خان صاحب ۽ ان جي حڪومت جي سوچ اڄ جي مونجھارن تي کُتل آهي.”
حڪمراني جي مدي ۾ هر ايندڙ ڏينهن سان گڏ وقت جي گھٽتائي جو شديد احساس ٿيڻ، ضمني چونڊن ۾ هڪ ٻئي پويان شڪستون، شريف خاندان جو پنجاب ۾ ووٽ بينڪ قائم رهڻ، زرداري ۽ نواز شريف جو جيل مان ٻاهر هجڻ ۽ هاڻي ماضي جي ساٿي جھانگير ترين جي بغاوت. بجيٽ منظور به ٿي وڃي ته ڇا سياسي مصيبتن مان خان صاحب پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائي سگھندو؟ مشڪل ٿو لڳي. پنهنجي ساٿي مظهر عباس ۽ آرٽس ڪائونسل جي سربراهه ۽ دوست احمد شاهه سان گڏ ڪراچي ۾ برنس روڊ وڃڻ ٿيو. هاڻي اتي روڊ ڪناري هوٽلن ۾ جنرل ضياءُ جي دور جيان “هتي سياسي ڳالهه ٻوله ڪرڻ منع آهي” به ناهي لکيل هوندو. حليم ۽ سامهون ئي بادام پستي واري کير جون بوتلون وڪڻندڙ پراڻي واقفيت وارو “پهلوان جي” اسان کي ڏسندي ئي سياست بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو. اسان به پڇي ورتو ته جھانگير ترين جو ڇا ٿيندو؟ “پهلوان جي” بوتلن جا ڍڪڻ کوليندي چيو، “تحريڪ انصاف جو جن ترين جي بوتل ۾ آهي، بس ڍڪڻ بند ڪرڻ جي ضرورت آهي.” پر واپس موٽندي سوچن سوڙهو ڪيو . شيشي جي بوتلن جو ڍڪڻ کولڻ ۽ بند ڪرڻ مهارت جو ڪم آهي. جيڪڏهن احتياط نه ڪئي وئي ته ترين صاحب جا هٿ زخمي به ٿي سگھن ٿا ۽ هٿ خالي به رهجي سگھن ٿا.