ڌاڙيل ڪلچر سان سياست ۽ پوليس جو ڳٺ جوڙ

0
343

وڏي عرصي تائين هڪٻئي مٿان الزام هڻندڙ وفاقي ۽ صوبائي سرڪار پهريون ڀيرو سنڌ اندر امن امان جي صورتحال تي هڪڙي پيج تي گڏ ٿيون آهن، گذريل ڏينهن وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد ڪراچي پهتو، ڪراچي جي دوري جي پهرين ڏينهن ئي هن ڊي جي رينجرز سان رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي ۽ امن امان بابت بريفنگ ورتي، ٻئي ڏينهن تي وري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ سان ملاقاتون ڪيون آهن، هي پهريون موقعو آهي جو اهڙن ملاقاتن بعد وفاقي ۽ صوبائي سرڪار طرفان جيڪو موقف سامهون آيو آهي، ان ۾ هڪٻئي مٿان الزام هڻي هڪٻئي کي بدامني جو ذميوار قرار ڏيڻ بدران گڏجي بدامني جي باهه وسائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ڪچي ۾ آپريشن ۽ ان دوران پوليس اهلڪارن جي شهادت ۽ ڌاڙيلن طرفان بڪتربند گاڏي، سرڪاري هٿيار ۽ بلٽ پروف جيڪيٽ قبضي ۾ وٺڻ ۽ بڪتر بند گاڏي تي چڙهي جهمريون هڻڻ واريون وائرل ٿيل وڊيوز واري معاملي تي وزيراعظم جهڙي نموني تڪڙو ردعمل ڏنو ۽ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد کي سنڌ جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان مان اهي امڪان وڌي ويا هئا ته ٻنهي حڪومتن ۾ بدامني جي نالي تي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار تيز ٿي ويندو ۽ موجوده وقت ۾ بدامني ئي واحد ذريعو آهي، جنهن جي بنياد تي صوبائي حڪومت جو خاتمو آندو ويندو ۽ سنڌ گورنر راڄ جي زد ۾ اچي ويندي. اهڙن امڪانن جي جنم وٺڻ بعد پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت “خوش” پڻ ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته هن وقت سنڌ سرڪار سان پي ٽي آءِ سنڌ کي ئي مسئلو آهي، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيل آهن، انهن ڪيسن ۾ هو جيل ياترا به ڪري آيو آهي، تازو سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاءَ رحمت ابڙو تي به سرڪاري آفيسرن سان جھيڙو ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ان ڳالهه جو اعتراف خود وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد به ڪيو ته گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير اسد عمر جي درخواست تي وزيراعظم کيس سنڌ جو دورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان مان اهو صاف ظاهر ٿيو ته پي ٽي آءِ سنڌ اها ڪوشش ڀرپور طريقي سان ڪئي ته ڪچي ۾ ناڪام آپريشن کي بنياد بڻائي ٻنهي حڪومتن ۾ محاذ آرائي ڪرائجي ته جيئن سنڌ حڪومت کڻي گھر نه وڃي پر ان مٿان زبردست دٻاءَ وجھي سگھجي پر پي ٽي آءِ سنڌ جي اها اميد به اڌوري رهجي وئي، جيڪڏهن مرڪزي حڪومت پاڻ محاذ آرائي چاهي ها ته پوءِ شيخ رشيد جو دورو ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪري ها. وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد سنڌ حڪومت کي هر قسم جي مدد جي آڇ ڪئي. هن پوليس لاءِ هٿيارن کان ويندي ڊرون ۽ ٻيون شيون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪندي اهو به چيو ته رينجرز به اسٽينڊ باءِ آهي، سنڌ حڪومت جتي ۽ جڏهن به چاهي رينجرز کي گھرائي سگھي ٿي پر وڏي وزير کيس جواب ڏنو ته في الحال صوبائي حڪومت پاڻ ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ چاهي ٿي، ضرورت پوڻ تي وفاق کان مدد وٺي سگھجي ٿي.
سنڌ حڪومت طرفان رينجرز جي مدد وٺڻ کان انڪار ڪرڻ جا هونئن ته ڪافي سبب ٿي سگھن ٿا پر هڪ سبب آءِ جي سنڌ جو مبينه اغوا به آهي، آءِ جي سنڌ جي مبينه اغوا ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري بعد ڪراچي ۾ جيڪي ڪرڪيٽ ميچ ٿين ٿا ته انهن جي سيڪيورٽي لاءِ به اسان کي فرنٽ لائين تي ايس ايس يو جا ڪمانڊوز ۽ پوليس اهلڪار نظر آيا هئا ۽ اهو شايد پهريون ڀيرو ٿيو هو، نه ته فرنٽ لائين تي رينجرز ئي هوندي هئي. پر هڪ حقيقت اها به آهي ته ڪچي ۾ پوليس آپريشن جي ڪامياب ٿيڻ جا چانسز انتهائي گھٽ آهن، ڇاڪاڻ ته پوليس ٿاڻن تي اهلڪارن کان ويندي ايس ايڇ اوز تائين آفيسرن جون مقرريون سياسي بنيادن تي ٿينديون آهن، ايس ايس پي به سياسي بنيادن تي مقرر ٿيندا آهن، اها ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته ڌاڙيلن کي به سياسي سرپرستي حاصل آهي، ان صورتحال ۾ آزاداڻي جاچ ٿئي ته پوليس جي اڪثر ايس ايڇ اوز ۽ ڌاڙيلن جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ظاهر ٿيندو، ٻنهي تي سياسي آشيرواد جو هٿ رکيل هوندو آهي، آپريشن کان اڳ ڌاڙيلن کي آپريشن جي خبر پئجي ويندي آهي، پوليس جي هر چرپر جي ڌاڙيلن کي سُڌ پئجي ويندي آهي، وڏي ڳالهه اها به آهي ته پوليس جو ڀلي ڪيترو به ايماندار آفيسر هجي انهن چڪرن جي ڪري اهو به ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻجي ويندو آهي، نتيجي طور مغوي ڊيل تحت بازياب ڪرايا وڃن ٿا، جتي پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ ٽيبل ٽاڪ ٿئي ۽ ٻنهي ڌرين جا امين ساڳيا وڏيرا، سردار ۽ چيف سردار هجن ته پوءِ آپريشن جي ڪاميابي جي اميد آخر ڪهڙن بنيادن تي ڪري سگھجي ٿي ؟ ايس ايس پي اسد رضا ۽ ايس ايس پي ڪامران نواز پنجوٿه سردار تيغو خان تيغاڻي کي امن ايوارڊ ڪو ايئن ٿوري ڏنو هو، سردار تيغو خان ٻنهي آفيسرن کي 18 کن مغوي بازياب ڪرائي ڏنا هئا، جڏهن ته ڌاڙيلن جي گرفتاري متعلق ٻنهي آفيسرن تي حڪومتي يا عدالتي دٻاءُ پوندو هو ته تيغو خان انهن وٽ هڪ 2 ڌاڙيل پيش به ڪرائي ڇڏيندو هو. ڌاڙيلن کي سياسي سرپرستي حاصل هجڻ جو اعتراف وفاقي گھرو وزير شيخ به ڪيو .
چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته وڏو نقصان ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن طرفان جهمريون هڻڻ وارو معاملو اهڙو هو جو جنهن کي رياست ڪڏهن به هضم نه ڪري ها، ان ڪري تڙ تڪڙ ۾ سردار تيغو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪيو ويو ته جيئن معاملو ٿڌو ٿئي پر سردار تيغو خان تيغاڻي جو ننڍو ڀاءَ عبدالنبي تيغاڻي جو خيال آهي ته هو شڪارپور ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان وزير بڻيل شخصيتن کي برادري جا ووٽ ڏياريندا آهن، هي سڄي پوليٽيڪل گيم آهي، جيڪڏهن ڪو تيغاڻي ڌاڙيل آهي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته برادري جو سردار ان جو ذميوار آهي، جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ٻين چونڊيل نمائندن توڙي وزيرن جي برادرين جا ڌاڙيل به آهن. خير، تيغاڻي سردارن جو موقف پنهنجي جاءِ تي آهي پر شڪارپور جي سياستدانن تي ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان ۽ ڪامران نواز پنجوٿه به ڌاڙيلن جي سرپرستي جا الزام هنيا هئا.منهنجو ذاتي خيال آهي ته ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي سياسي پٺڀرائي وارو رواج سنڌ جي سياست ۾ ڪافي پراڻو آهي، ڪا به حڪومت ڌاڙيلن ۽ سياستدانن کي هڪٻئي کان ڌار نٿي ڪري سگھي، ڇاڪاڻ ته سياسي حڪومتن کي “ووٽ” کپن ٿا ۽ سنڌ جي ٻهراڙي جو ووٽ “سردارن” جو ذاتي ووٽ آهي، حڪومت سياسي شخصيتن کي ڪنهن به صورت ۾ ناراض نه ڪندي، ماضي ۾ ان جا مثال موجود آهن.
هن وقت جڏهن پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت جي خواهش پوري ٿيندي نظر نه پئي اچي ۽ ان خواهش جي ابتڙ ٻنهي حڪومتن ڪچي مان ڌاڙيلن جو صفايو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته اتي اهو به ياد رکڻ گھرجي ته ڳالهه ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ جي ناهي، ڳالهه آهي ڌاريل ٺاهڻ واري انڊسٽري جي، جيڪڏهن اهي 15، 20 ڌاڙيل گرفتار ٿين يا مارجي به وڃن ته ان ڳالهه جي گارنٽي ڪير ڏيندو ته مستقبل ۾ ڌاڙيل پيدا نه ڪيا ويندا؟ اتر سنڌ جي سياست ۾ قبيلائي تڪرارن ذريعي ماڻهو مارايا ويندا آهن ۽ انهن کي ماريندڙ قاتلن کي ڪچي اماڻيو وڃي ٿو ته جيئن هو گرفتارين کان بچي سگھن ۽ ايئن هن انڊسٽري مان ڌاڙيل پيدا ٿيندا رهندا آهن. جيئن آئون پهرين لکي آيس ته سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر ڪو نئون ناهي، جڏهن به امن امان يا ڪو ٻيو مسئلو پيدا ٿيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ “هڪ تڪرار” پيدا ٿيندو رهيو آهي ۽ اهڙي ريت ٻئي حڪومتون پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ مسئلن کي حل ڪرڻ بدران انهن کي وڌائينديون رهيون آهن پر هي پهريون ڀيرو آهي جو ٻئي حڪومتون هڪ پيج تي اچي ويون آهن ۽ اهو اتفاق ڪيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو صفايو ڪيو ويندو، يقينن اهڙي عمل جي تعريف به ڪرڻ گھرجي، گڏوگڏ اها اميد به هاڻي پيدا ٿي آهي ته ٻئي حڪومتون سنجيده ٿينديون، ڌاڙيلن خلاف آپريشن سان گڏوگڏ شڪارپور ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي سياست ۽ پوليس اندر به سرچ آپريشن ٿيڻ گھرجي ۽ انهن کي بينقاب ڪيو وڃي جيڪي ڌاڙيل پيدا ڪرڻ واري انڊسٽري لڳائي ويٺا آهن، جيڪي پگھار ته سرڪار جي کڻن ٿا پر ڊيوٽي “بنگلن” جي ڏين ٿا.