تازو ڄاول ٻار پيدائش بعد ڊاڪٽر کي ڪاوڙ سان ڏسڻ لڳو

0
748

بريسليا (دلچسپ نيوز) عام طور تي تازن ڄاول ٻارن جون روئڻ يا سمهڻ جون تصويرون سامهون اينديون رهنديون آهن پر انٽرنيٽ تي هڪ اهڙي ٻار جي تصوير وائرل ٿي آهي جيڪو پيدائش جي ڪجهه سڪنڊن کان پوءِ ئي ڊاڪٽر کي ڪاوڙ سان ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب برازيل سان تعلق رکندڙ عورت لسبيله پريرا گذريل هفتي هڪ ٻار کي جنم ڏنو. ليبر روم ۾ موجود نرس ٻار جي تصوير ورتي جيڪو ڪاوڙ سان ڊاڪٽر کي ڏسي رهيو هو.ٻار جي تصوير سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي شيئر ٿيڻ کان پوءِ صارفين حيران رهجي ويا. ڇو ته انهن به اهڙو ٻار پهريون ڀيرو ڏٺو هو.رپورٽ موجب ٻار جي پيدائش برازيل ۾ واقع ريوڊي جنيرو نالي اسپتال ۾ ٿي. ڊاڪٽرن ۽ نرسن تازي ڄاول ٻار کي منفرد قرار ڏنو ۽ سڀني ان سان گڏ سيلفيون به ڪڍرايون.