فرج، آءِ پيڊ ۽ ٽيليويزن جي سهولتن سان ڀرپور رڪشا متعارف

0
186

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) فرج، آءِ پيڊ ۽ ٽيليويزن جي سهولتن سان ڀرپور رڪشا متعارف ڪرايو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر چنائي ۾ انا درائي نالي ڊرائيور رڪشا کي جديد بڻائي ڇڏيو، شهري پنهنجي رڪشا ۾ مسافرن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لڳو آهي، ان حوالي سان ڊرائيور انا درائي جو چوڻ آهي ته رڪشا ۾ فرج، آءِ پيڊ، ٽيليويزن، ميگزين ۽ اخبارون رکيون آهن. هن چيو ته منهنجي خواهش هئي ته عوام کي ڀرپور سفري سهولتون فراهم ٿين انڪري پنهنجي رڪشا کي جديد بڻايو. ٻئي طرف انوکي رڪشا جا سوشل ميڊيا تي پڻ ڀرپور چرچا ٿي رهيا آهن عوام پاران پڻ رڪشا جي زبردست ساراهه ڪئي پئي وڃي.