اسلام آباد (بيورورپورٽ) پاڪستان طرفان تائيوان معاملي تي چين جي ” ون چائنا پاليسي“  جي حمايت ڪري ڇڏي. تائيوان صورتحال تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ” ون چائنا پاليسي “ لاءِ پنهنجو مضبوط عزم رکي ٿو. هن چيو ته چين جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. پاڪستان کي تائيوان جي صورتحال تي سخت ڳڻتي آهي، تائيوان صورتحال جا علائقي جي امن ۽ استحڪام تي سنگين اثر پوندا. هن چيو ته پهريان ئي دنيا يوڪرين تڪرار سبب سلامتي جي هڪ نازڪ دور مان گذري رهي آهي، هن نئين بحران جا عالمي امن، سلامتي ۽ معيشت تي ناڪاري اثر پوندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان عالمي لاڳاپن ۽ اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي پختو يقين رکي ٿو.