اسلام آباد (م ڊ) فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد پي ٽي آءِ کي وضاحت جو  هڪ موقعو ڏنو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پارٽي پنهنجي حق ۾ دستاويز کڻي اچي ته اليڪشن ڪميشن فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي، قانوني نوٽيس جاري ٿيڻ بعد 7 کان 14 ڏينهن اندر جواب ڏيڻو هوندو آهي. ذريعن موجب قانوني نوٽيس جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن ريفرنس وفاقي حڪومت ڏانهن اُماڻيندي، پارٽي فنڊ ضبط ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جو اختيار وفاقي حڪومت جو آهي. ذريعن موجب پرڏيهي فنڊنگ ٿيڻ تي وفاقي حڪومت پارٽي ٽوڙڻ جي جو ڊڪليريشن سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيندي جنهن بعد سپريم ڪورٽ وٽ حتمي اختيار آهي ته هو پارٽي ٽوڙڻ جي ڊڪليريشن منظوري ڪري يا ان کي رد ڪري.