ماسڪو (م ڊ) روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته آمريڪي اسپيڪر نينسي پلوسي جو تائيوان دورو چڙڏياريندڙ آهي. روسي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين کي پنهنجي علائقائي خودمختياري جي بچاءُ لاءِ قدم کڻڻ جو مڪمل حق حاصل آهي. ٻئي پاسي تائيوان اختيارين جو چوڻ آهي ته نينسي پلوسي دوري سان گڏ ئي 21 چيني جنگي جهاز تائيوان ۽ چين جي گڏيل هوائي حدن ۾ داخل ٿيا. اختيارين موجب ڪيئي آمريڪي جنگي بحري جهاز پڻ تائيوان جي ويجهن پاڻين ۾ گشت ڪري رهيا آهن.