چمبڙ (ن پ ا) بڪيرا شريف پوليس جو عدالتي  حڪم تي سرن جي بٺيء تي ڇاپو ھڻي ناحق باندي بڻايل 14 مزدور کي بازياب ڪري ورتو آھي، بڪيرا شريف پوليس پرکو ڪولهي جي درخواست تي بڪيراشريف ڀرسان حاجي دريا خان پٺاڻ جي سر بٺيءۡ تي ڇاپو هڻي عورتن مردن معصوم ٻارڙن سميت 14 ڄڻا بازياب ڪرائي ورتا بازياب ٿيلن ۾ ڀارومل آنند واليو هرمي رمي عارب سترام ڪولهي ء ٻيا شامل آھن باندي بڻايل مزدورن کي بازياب ڪرايو آھي اڄ عدالت ۾ پيش ڪنداسين