نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو بکر جمالي ۾ فڪشنل مسلم ليگ جي مرڪزي اڳواڻ فقير محب خان جمالي جي گرفتاري ۽ مٿس دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سوين ماڻھن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مير جعفر جمالي شاھنواز جمالي محمدالدين جمالي محمد عالم جمالي آفتاب جمالي سبحان جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪندي اڳواڻن چيو ته فقير محب خان جمالي تي سياسي بنيادن تي دھشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس جھڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھنن چيو ته اسان نواب شاھ پوليس جي پوليس گردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ت ه مٿس ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس فوري آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.