لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ 11 پوليس عملدارن کي يرغمال بڻائڻ واري واقعي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل: ايف آءِ آر موجب 200 کان 300 مڇريل ماڻهن پوليس پارٽي تي حملو ڪري 11 اهلڪارن کي يرغمال بڻايو: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪالعدم تنظيم ٽي ايل پي سان ڳالهين جو ٻيو دور شروع ٿيو آهي، اميد ته معاملا طئه ٿي ويندا.