ميرپوربٺورو (ن پ ا) صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ وارين حڪومتي دعوائن باوجود ٻيلو شهر جي صحافين شوڪت هالو، نورنبي ٻجورو ۽ نظام ھالو تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن هتي صحافين، مختلف تنظيمن جيئي سنڌ محاذ، عوامي تحريڪ ۽ نوجوان اتحاد پاران شوڪت سومرو، نعمان شورو، ساگر مجيد پرهياڙ ۽ دانيال ميمڻ جي اڳوڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي چيو ته صحافين سماجي ذميواريون نڀائيندي ٻيلو شھر ۾ منشيات جي واهپي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ شروع ته پوليس مڇرجي جڙتو ڪيس داخل ڪيو آهي. سچ لکڻ تي صحافين کي هيسايو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته صحافي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايچ او کي هٽائي ڪيس فوري طور ختم ڪيو وڃي.