بين اسٽوڪس طرفان ڪرڪيٽ نه کيڏڻ جو اعلان

0
186

لنڊن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر بين اسٽوڪس اڻڄاڻايل مدي تائين هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ليجنڊ ڪرڪيٽر چيو ته اڻڄاڻايل مدي تائين ڪنهن به قسم جي ڪرڪيٽ نه کيڏندس. هن چيو ته في الحال ڌيان ذهني تندرسي ۽ انجري مان جند ڇڏائڻ تي آهي، فيصلي بعد بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت خالف ٽيسٽ سيريز لاءِ به موجود نه هوندس.