سنڌ ۾ لاڪ ڊائون پاڪستان خلاف سازش، سنڌ جي ترقي ۾ مراد علي شاهه رڪاوٽ آهي: حليم عادل شيخ

0
337

ڄامشورو(ن پ ا) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سکر_ حيدرآباد موٽروي سنڌ جي ماڻھن کي وزير اعظم پاران ڏنل تحفو آهي، حيدرآباد_ سکر موٽروي 309 ڪلوميٽرن تي ٻڏل آهي جيڪا سنڌ جي ڇھن ضلعن مان گذرندي، ڄامشوري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته حيدرآباد _سکر موٽروي هڪ سئو 90 ارب روپين جي لاڳت سان 30 مھينن جي اندر مڪمل ٿيندو، سڀني ضلعن سکر، حيدرآباد موٽروي لاءِ زمينون ڏنيون آھن پر ضلعو ڄامشورو زمين ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. هن چيو آهي ته سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي، سنڌ جي عوام ٻڌي ڇڏي وزيراعظم پاڪستان عمران خان سنڌ کي ترقي وٺرائڻ چاھي ٿو، ھر برائي جو ڳڙهه ڄامشورو آھي، ھتي منشيات فروش به ايم اين اي جو ڀاءُ آھي.
حليم عادل شيخ چيو تھ جنھن نادر شاھي انداز سان ڪالهه سنڌ اندر لاڪ ڊائون لاڳايو ويو اسان کي ڪمشير ۾ موڌي جو لڳايل لاڪ ڊائون ياد اچي ويو، اسان ڪالهه ڏٺو ته ڪاٺوڙ وٽ مسافر بسن کي بيھاري مسافرن کي لاھي روڊن تي بيهاريو ويو، ڊبل سواري تي پابندي لڳائي مسافرن کي پريشان ڪيو ويو. هن چيو آهي ته گذريل ڏينھن مسافرن لاءِ هوٽلون به بند ڪيون ويون، پڇڻ چاھيان ٿو ڇا انھن کي ماني بلاول ھائوس کارائيندو، جيڪي مسافر لاڪ ڊائون جي اعلان کان اڳ اسلام آباد ۽ پنجاب جي ٻين شهرن کان سفر شروع ڪيو انھن کي وھي ته نازل نه ٿي ته وزير اعلي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون لڳائيندو. هن چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ پاڪستان جي خلاف سازش ھئي، اين سي او سي جي گائيڊ لائين تي سنڌ حڪومت پيروي نه ڪئي، سپريم ڪورٽ جي واضح ھدايت آھي ته صوبن کي وفاق جي حڪمن تي ھلڻو آھي. هن چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرونا جي صورتحال ۾ ھن وقت تائين ڇا ڪيو آھي.
سنڌ اندر ٽيسٽنگ ڪٽس، آڪسيجن بيڊز، وينٽيليٽر عمران خان فراهم ڪيا آھن، نه صرف اھو عمران خان احساس ايمرجنسي پروگرام تحت 65 ارب روپيا سنڌ جي 50 لک ماڻھن کي ڏنا، مان سمجهان ٿو ته ھن وقت لاڪ ڊائون پاڪستان جي ترقي جي خلاف سازش آهي، سنڌ ۾ ماڻهن جي مٿان ته لاڪ ڊائون لڳي سگھي ٿو مراد علي شاھ ٻڌائي ته ڪتن جي مٿان ڪير لاڪ ڊائون لڳائيندو، هن چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ ھڪ مھيني اندر 500 کان وڌيڪ ماڻھن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو آھي، ٻه ڏينهن اڳ سول اسپتال جي سرجيڪل وارڊ ۾ ڊاڪٽرن سميت مريضن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو، ھيپاٽائيٽيز ۾ ڪرونا کان پنج دفعا وڌيڪ ماڻھو مري رھيا آھن ان تي ڪوئي به ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، سنڌ اندر جيڪو اين سي او سي جو فيصلو ھوندو اھي قبول ڪنداسين توهان جي ڪنھن به فيصلي کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو آهي ته ڄامشوري ضلعي اندر منشيات فروشي جاري آھي، جنھن جو مثال سي آئي اي پوليس وٽان ھٿ آيل منشيات آھي، ان شاءَالله جلد ئي فيڊرل گورنمينٽ سنڌ کي منشيات کان پاڪ بڻائيندي.