نصيرآباد:سينگار نوناري بازياب، پُٽ جي گهر پھچڻ تي سندس امڙ زنجير لاھي ڇڏيا

0
280
نصيرآباد: سينگار نوناري بازياب

نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد مان 36 ڏينھن اڳ کنڀي گم ڪيل عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سينگار نوناري آزاد گهر پهچي ويو، سينگار نوناري جو چوڻ آهي ته مون کي رات جو 4 وڳي نامعلوم جاءِ تي ڇڏيو ويو، ٿورو پنڌ ڪيو ته سامھون خيرپور لاڙڪاڻو پل نظر آئي جتان مون وارثن کي فون ڪئي جيڪي اتي پھچي ويا، هن چيو آهي ته مون کي کنڀي نامعلوم ھنڌ رکيو ويو ھو ۽ 17ڏينھن تائين تشدد ڪيو ويو، هن چيو آهي ته وقت تي ماني ڏيندا ھئا پرماني نه وڻندي ھئي، منھنجا حوصلا اڄ به بلند آھن، غريب پورھيتن لاءِ جدو جھد جاري رھندي، جڏهن ته سينگار نوناري جي امڙ پٽ جي آزادي تائين ھٿن مان زنجير نه لاھڻ جو اعلان ڪيو ھو، پُٽ جي گهر پھچڻ بعد امڙ ھيرخوشي ۾ زنجير لاھي ڇڏيا،واضح رهي ته سينگار نوناري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پاڪستان، جرمني، لنڊن، سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ احتجاج ڪيا ويا هئا.