لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) بلوچستان جي شهر ڊيرا مراد جمالي ويجهو ڳوٺ عظيم جتڪ ۾ زرعي زمين تان بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا عبدالعزيز ۽ محمد اسماعيل بروهي تڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته ساڳي ئي ڌر سان واسطو رکندڙ عبدالخالق بروهي، فيروز خان، محمد يعقوب بروهي ۽ نوريز خان سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي وارث چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا. ان موقعي تي وارثن محمد اسلم بروهي ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي، جن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو.