ميرپورخاص(رپورٽ: روي شنڪر) ميرواهه گورچاڻي ۾ گورچاڻي ۽ جٽ برداري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، ڇرا ۽ چاقو لڳڻ سبب گورچاڻي برادريءَ جو ھڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اسپتال منتقل، جتي سندن علاج ھلندڙ آھي. ميرواهه گورچاڻي ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ڇريون ۽ چاقو لڳڻ سبب نوجوان پورھيت ممتاز گورچاڻي مارجي ويو، جڏهن ته محمد رفيق ۽ اعجاز گورچاڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج ھلندڙ آھي. ٻئي طرف آخري اطلاع تائين جوابدار راشد جٽ سميت سندس ساٿين جي گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي ھئي ۽ پوليس جا وڏا اٽالا علائقي ۾ پھتل ھئا. علائقي ۾ خوف ۽ حيراس ڇانيل ھو. ھوڏانھن ميرواهه گورچاڻي پوليس جو چوڻ ھو ته جوابدار گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويا آهن جن جي ڳولا جاري آهي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.