دادو (رپورٽر ) خوراڪ کاتي پاران دادو ضلع ۾ ڪڻڪ خريداري لاءِ باردانو ملڻ جي باوجود دادو ضلع ۾ ڪڻڪ خريداري وارو عمل شروع نه ڪيو ويو آهي ، فوڊ کاتي دادو جي ڊي ايف سي پاران ڪڻڪ خريداري لاء آبادگارن کي باردانو نه ڏيڻ سبب آبادگار ۽ کاتيدار ڊي ايف سي آفيس توڙي ڪڻڪ خريداري سينٽرن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ، ان سلسلي معلوم ٿيو آهي فوڊ کاتي دادو جي ڊي ايف سي توڙي فوڊ انسپيڪٽرن پاران دادو ، جوهي ، خيرپور ناٿن شاھ ۽ ميهڙ جي بااثر واپارين کي 2 لک بارداني جون ٻوريون حوالي ڪري ڇڏيون آهن ، فوڊ کاتي جي عملدارن پاران واپارين کان باڙداني جي في ٻوري تي 250 رپيا اڳواٽ وصول ڪيا آهن ، اهو سبب آهي جو خوراڪ کاتي پاران دادو ضلع ۾ ڪڻڪ خريداري لاء هڪ هفتو اڳ باردانو ڏنو ويو آهي ، پر ڊي ايف سي دادو آبادگارن ۽ کاتيدارن کي باڙداني جي هڪ به ٻوري ناهي ڏني جنهن سبب آبادگار ۽ کاتيدار باڙدانو نه ملڻ سبڀ سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ هڪ هفتي کان ڊي ايف سي آفيس توڙي ڪڻڪ خريداري سينٽرن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ، ٻئي طرف ڊي ايف سي دادو روشن منگي 5 ڏينهن کان آفيس مان غائب هئڻ سان گڏ موبائيل نمبر پڻ تبديل ڪري ڇڏيا آهن ، ٽوھ خان پنهور ، عبدالله شاهاڻي ، خان محمد لنڊ ۽ ٻين آبادگارن ۽ کاتيدارن سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي هوء 15 ڏينهن کان ڊي ايف سي آفيس توڙي دادو ، ڇنڊڻ ، شهيد مخدوم بلاول ، خدآباد سينٽرن جا چڪر ڪاٽيون پيا پر باڙدانو نه ٿو ڏنو وڃي ، جڏهن باردانو آيو آهي ته پوء اسان کي ڇو نه ٿو ڏنو وڃي ، باردانو نه ملڻ ڪري واپاري اسان کان سستي اگھ 4400 کان 4500 رپين ۾ ڪڻڪ جي ٻوري خريد ڪري رهيا آهن سبب اسان کي في ٻوري تي 500 کان 600 رپيا نقصان رسي ٿو ، ابادگارن ۽ کاتيدارن چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن کين باردانو نه ڏنو ويو ته هو ڊي ايف سي دادو ۽ فوڊ انسپيڪٽرن خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪندا.