اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافين تي ٿيل غداري ۽ سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ٿيل ڪيسن جا گهرو وزارت کان تفصيل طلب ڪري ورتا، آءِ ايس آءِ سربراهه کي خط لکڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ واري بل توڙي صحافين تي ٿيندڙ حملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن تي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ناليوارن سينيئر صحافين حامد مير، ابصار عالم، منيزه جهانگير، عاصمه شيرازي، اسد طور، اهتشام خان، متيع الله جان کانسواءِ انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري به شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ جي لال مالهي چيو ته صحافين جي تحفظ واري بل تي مشاورت ٿي چڪي آهي، صحافي تنظيمن جي راءِ به اچي چڪي آهي، ان بل جي منظوري ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي، ڪاميٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انساني حقن جي ڪاميٽي ۾ اهڙن صحافين کي گهرايو ويو آهي جن تي حملا ٿيا آهن يا کين حراسان ڪيو ويو آهي، ابصار عالم تي گولي هلائيندڙ عنصرن جو اڃا پتو نه پيو آهي، اسد طور تي تشدد ٿيو، حامد مير کي ڪيترائي سال پهريان گوليون هنيون ويون، پر سنڌ حڪومت کي ان حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به نه ڏني وئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي معلومات ۾ ناهي ته صحافين تي حملن جي حوالي سان داخل ٿيل ڪيسن جا نتيجا ڇا نڪتا؟ هن چيو ته انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري سان اهو طئي ٿيو آهي ته صحافين جي تحفظ واري بل جي جائزي لاءِ سب ڪاميٽي ٺاهي ويندي، هن چيو ته ان سب ڪاميٽي جي سربراهي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ ڪاميٽي ميمبر کي ڀلي ڏني وڃي، جيڪڏهن مخالف ڌر جي جائزي کان سواءِ صحافين جي تحفظ واري بل کي اڳتي وڌايو ويو ته مخالف ڌر ان کي رد ڪندي، سنڌ ۾ پيش ڪيل صحافين جي تحفظ واري بل ۾ کوڙ اهڙيون شقون آهن جيڪي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل ۾ ناهن، عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس وانگر سڄي ملڪ ۾ صحافين تي ٿيل حملن جا ڪيس هلڻ گهرجن، صحافي عاصمه شيرازي ڪاميٽي کي ٻڌايو ته زبان بندي جا جيڪي طريقا هن هائبرڊ حڪومت ۾ ڪيا پيا وڃن ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي، مالڪن ذريعي صحافين جي زبان بندي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هڪ طرف صحافين جي تحفظ لاءِ بل آندو پيو وڃي ته ٻئي طرف ميڊيا اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي، اسان جو ڪنهن سياسي پارٽي سان واسطو ناهي، اسان جو تعلق پاڪستان جي آئين سان آهي، پارليامينٽ جي بالادستي اسان جو نظريو آهي، صحافي ابصار عالم چيو ته ٽن وڏين اخبارن مون کي ڪالم نگار طور ڇپڻ کان انڪار ڪيو، ڪوئي چينل تجزيي نگار طور پنهنجي چينل تي مون کي وٺڻ لاءِ تيار ناهي، ان ريت مون مٿان اڻ اعلانيل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، مون هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪجهه سوال اٿاريا ته مون تي غداري ۽ سائبر ڪرائيم جا ڪيس داخل ڪرايا ويا، مون تي گولي هلائيندڙ جي فوٽيج سامهون اچي چڪي آهي پر ان باوجود ڪو نتيجو ناهي نڪتو، جنهن تي ڪاميٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايس پي جاچ اسلام آباد کان دريافت ڪيو ته ابصار عالم کي گولي هڻڻ واري ڪيس ۾ ڪهڙي پيش رفت ٿي آهي؟ جنهن تي ايس پي جاچ اسلام آباد ڪاميٽي کي ٻڌايو ته ابصار عالم تي حملو ڪندڙن جي فوٽيج نادرا کي موڪلي وئي آهي، اتان ڪو جواب نه آيو آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي ميمبر عطاءُ الله چيو ته ٻن مهينن کان نادرا مان رپورٽ نه آئي آهي، ڇا گهرو وزير يا چيئرمين نادرا تي حملو ٿئي ها ته رپورٽ اچڻ ۾ ايترو ٽائيم ورتو وڃي ها؟ ان دوران عطاءُ الله ۽ گهرو وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري ۾ تلخ ڪلامي ٿي، اسپيشل سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ان طرح جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ مناسب ناهي، جنهن تي عطاءُ الله چيو ته توهان ان ريت آڱر ڏيکاري مون سان ڳالهائي نه ٿا سگهو، آڱر هيٺ ڪري ڳالهايو، اسپيشل سيڪريٽري چيو ته توهان به ان طرح مون سان نه ٿا ڳالهائي سگهو، جنهن تي پي ٽي آءِ جي عطاءُ الله سخت احتجاج ڪندي خصوصي سيڪريٽري کي اجلاس مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبر لال مالهي چيو ته صحافين جو راولپنڊي ۾ هڪ اجلاس ٿيو هو، پر اهو اجلاس ڪنهن سان ٿيو اهو مان نه ٻڌائيندس، مان ڄاڻان ٿو ته انساني حقن جي ڪاميٽي کي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، صحافي حامد مير چيو ته رمضان مهيني ۾ آرمي چيف افطاري جي دعوت ۽ هڪ آف دي رڪارڊ ميٽنگ لاءِ گهرايو هو، هن چيو ته جاويد مينگل مون مٿان حملو ڪيو وارو ڪوڙو بيان سامهون آيو جڏهن ته ان ميٽنگ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي هئي، حامد مير چيو ته مختلف شهرن ۾ منهنجي ۽ عاصمه شيرازي خلاف غداري جا ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواستون ڏنيون پيون وڃن، مون خلاف پيمرا سميت ڪنهن اداري ڪا پابندي نه لڳائي آهي پر پوءِ به مون مٿان ميڊيا تي پابندي آهي، لال مسجد سان تعلق رکندڙ هڪ فرد جي فرياد تي فوج خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ جو مون مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، صحافي اسد طور پاڻ مٿان ٿيل حملي جا تفصيل بيان ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو، اسد طور جي وڪيل ايمان مزاري چيو ته جيو سينسنگ جي رپورٽ اڃا نه ڏني وئي آهي، اسد طور جو جڏهن ڪيس کنيو ته مون کي به ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ چيو ويو ته ڪيس کان پوئتي هٽي وڃان نه ته نقصان ٿيندو، مان وفاقي وزير جي ڌيءَ آهيان پر اسد طور جو ڪيس کڻڻ کان پوءِ منهنجو پيڇو ڪيو ويو، منهنجي گاڏي جو هڪ رات ايڪسيڊنٽ به ٿيو، جنهن تي ڪاميٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايمان مزاري سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته هن مسئلي کي سياسي انداز ۾ نه ڏٺو ويندو، اسان اسد طور جي ڪيس کي ڏسنداسين، جيڪڏهن ڪنهن اداري تي غلط الزام لڳو ته ان الزام لڳائڻ جي به مذمت ڪنداسين، صحافي مونيزه جهانگير چيو ته صحافين جي تحفظ واري بل جي منظوري کان پهريان صحافين ۽ وڪيلن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڪاميٽي چيئرمين گهرو وزارت جي وفاقي سيڪريٽري کان دريافت ڪيو ته اسلام آباد ۾ صحافين مٿان ڪيترا حملا ٿيا آهن، جنهن تي گهرو وزارت ڪاميٽي کي ٻڌايو ته صحافين تي 90 کان وڌيڪ ڪيس جاچ هيٺ آهن، صحافي متيع الله جان چيو ته مون کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس جي پيش رفت ڇا آهي؟ جنهن تي ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته متيع الله جان جي ڪيس ۾ ڪا پيش رفت ناهي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافين تي اسلام آباد ۾ حملن سان پوري دنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي، صحافي حامد مير چيو ته اسلام آباد سيف سٽي پراجيڪٽ تي وفاقي حڪومت جي پوليس جو ڪنٽرول آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صحافين جي خدشن ۽ انهن تي حملن جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس آءِ کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مان ڪاميٽي چيئرمين طور اهڙو خط لکندس ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ڄاڻ ۾ آڻيندس ته ڪهڙي ريت ان جو ادارو بدنام ٿي رهيو آهي، لال مالهي چيو ته سنڌ ۾ به صحافي قتل ٿيا آهن، انهن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي به هن ڪاميٽي ۾ هجڻ گهرجي ها، هن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ قتل ٿيل صحافين بابت ايندڙ اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو وڃي، سنڌ ۾ صحافي عزيز ميمڻ ۽ اجي لالواڻي قتل ٿيو آهي، پي ٽي آءِ جي ميمبر سيف الرحمان چيو ته عزيز ميمڻ ۽ رائو انوار جي ڪيسن تي به نظر وڌي وڃي، رائو انوار کي ڪنهن بهادر ٻار به چيو اهو آزاد گهمي رهيو آهي، اهڙن ماڻهن کي ترقي نه ملڻ گهرجي، انساني حقن جي ڪاميٽي جي چيئرمين گهرو زوارت کان غداري ۽ سائبر ڪرائيم تحت داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن،