اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿي ويل صحافي مدثر نارو جي بازيابي واري درخواست تي بچاءَ ۽ گهرو مامرن واري وزارت جي ذميوار آفيسرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته جبري گمشدگين واري مامري تي قائم ڪميشن جي ڪارروائي بابت رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه عثمان نارو جي بازيابي واري درخواست تي ايڊووڪيٽ عثمان وڙائچ ۽ ايمان مزاري پيش ٿيا، جن موقف اختيار ڪيو ته بچاءَ واري وزارت جواب ڏنو آهي ته گم ٿي ويل ماڻهو انهن وٽ ناهن، اسان جي درخواست ۾ گهرو وزارت ڌر بڻيل آهي، اهڙي صورت ۾ ڪنهن هڪ اداري جي مٿان ذميواري وجهڻ ضروري آهي، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهرين جي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، عدالت بعد ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل پاران هڪ صفحي تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته عدالت گم ٿي ويل صحافي جي 3 سالن جي پٽ سچل جي سار سنڀال لاءِ خرچ ڏيڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌڻي 23 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.