نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار ڊيوٽين تان غائب، ڊي آءِ جي نوٽيس ورتو، سمورا معطل، ٻين کي مقرر ڪيو ويو. خبر موجب نئو ديرو ھائوس جي پوليس پڪٽ تي مقرر سب انسپيڪٽر ممتاز راھوجو، پوليس ڪانسٽيبل ارشاد ابڙو ۽ عالم مغل سميت ٻيو عملو ڊيوٽين تان غير حاضر ٿي ويو، ان حوالي سان نئون ديرو ھائوس تان اهڙي شڪايت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ کي ڪئي وئي، جنهن فوري نوٽيس وٺندي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ سمورن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڊي آءِ جي معطل ٿيلن جي جاءِ تي ٻين اھلڪارن کي ڄاڻايل پڪٽ تي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.