حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا عيد نماز جي اجتماعن جي حوالي سان گائيڊ لائين جاري ئي آهي. گائيڊ لائين مطابق عيدالفطر جا اجتماع کليل جڳهن تي منعقد ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن کليل جڳهه نه هجي ته بند جڳهه جا در ۽ دريون کولي نماز جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن ڪورونا وائرس کي ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي. شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هڪ ئي جڳهه تي مختلف وقتن تي ايس او پيز تحت 2 کان 3 عيد نماز جا اجتماع ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو عيد نماز پڙهڻ ج شرف حاصل ڪري سگهن. عالمن ۽ خطيبن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته خطبي جو وقت گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي ته جيئن عيد نماز جلد ادا ٿي سگهي ۽ ماڻهو گهڻو وقت ويهي نه سگهن. ڪورونا وائرس جي صورتحال سبب 15 سالن کان گهٽ عمر جا فرد ۽ پهرين کان بيمار ماڻهو عيد جي اجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ کان پاسو ڪن. عيد گاهن ۽ مسجدن ۾ عيد نماز ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهو هر حال ۾ ماسڪ پائي اچن نه کين مسجد يا عيد گاهه ۾ داخلا جي اجازت نه ڏني وڃي.. عيد نماز کانپوءِ نمازي هڪٻئي سان ڀاڪر پائڻ يا هٿ ملائڻ کان پاسو ڪن. نماز کان اڳ ۽ پوءِ هڪ جاءِ تي ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي به پابندي هوندي. مسجدن ۽ عيد گاهن جي انتظاميا ڪميٽين کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو واضح جاين تي ڪورونا کان بچاءُ جي تدبيرن وارا بينر ۽ پينافليڪس لڳائين. اهڙيون هدايتون ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيون ويون آهن.