باڊھه (ن پ ا) باڊھه ويجهو نوجوان ناري معصوم ڌيءُ سميت مبينا اغوا، ٽن ڄڻن لاف رپورٽ داخل. خبر موجب ڳوٺ انب پور ۾ نوجوان ناري سائره پنهنجي معصوم ڌيءَ سميا سوڌو مبينا اغوا ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ باڊھه ٿاڻي تي ناري جي مڙس گل حسن جهتيال ڏوڪري جي ڳوٺ محراب پور واسي عيدن جتوئي، گل شير جتوئي ۽ نديم جتوئي خلاف اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل ماڻهو هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي گهر واري ۽ معصوم ڌيءَ کي اغوا ڪري ويا آھن، هوڏانهن اين سي داخل ٿيڻ باوجود پوليس ناري جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.