برطانيا ۾ ڳئون ٽن اکين واري ٻچڙي کي جنم ڏنو، ماڻهو حيران، وڊيو وائرل

0
460

لنڊن(دلچسپ نيوز) برطانيا ۾ ڳئون ٽن اکين واري ٻچڙي کي جنم ڏنو، ماڻهو حيران، وڊيو وائرل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي ويلز ڪائونٽي جي هڪ فارم ۾ جانورن جي معائني لاءِ ويل ڊاڪٽر مالن هيوز ڳئون جي ٻچڙي جي ٽئين اک جي نشاندهي ڪئي، ڳئون جي ٻچڙي جي اها ٽئين اک سندس نرڙ تي هئي جيڪا تمام ننڍڙي هجڻ سبب ماڻهن کي صحيح نموني نظر نه پئي آئي، ڊاڪٽر مالن هيوز جي نشاندهي بعد فارم ۾ موجود عملي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ ٻچڙي جي نراڙ تي ظاهر ٿيل اها اک ڏٺي، انوکي ٻچڙي جي پيدائش بعد سندس وڊيوز ۽ تصويرون ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکيون ويون، جيڪي منٽن ۾ ئي وائرل ٿي ويون. ان حوالي سان ڊاڪٽر مالن هيوز جو چوڻ آهي ته ٻچڙي جي اک ظاهري طور ته ٺيڪ لڳي رهي آهي پر ان مان ڪنهن قسم جو مواد خارج ٿي رهيو آهي جنهن جي جاڄ ڪئي ويندي. واضح رهي ته گذريل سال ڀارت ۾ پڻ ڳئون جو انوکو ٻچڙو پيدا ٿيو هو جنهن جا 2 مٿا، 4 اکيون، 2 منهن هئا.