لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز): برطانيا جي زوال پذير معاشي صورتحال جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ گذريل سال تجرباتي طور تي 61 ڪمپنين ۾ ملازمن کي هفتي ۾ 3 ڏينهن موڪل ڏيڻ جو تجربو شروع ڪيو ويو هيو، جنهن جي مثبت نتيجن ۾ اقتصادي ماهر تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن، جلد جي سار سنڀال جون شيون ٺاهيندڙ ڪمپني ”فائيوراسڪوئرلز“ به اهو آزمائشي ماڊل اپنايو هيو، ڪمپني جي مالڪ گيري ڪونرائي موجب هن پنهنجي ملازمن کي چيو هيو ته جيڪڏهن انهن کي معاوضي ۾ ڪنهن ڪٽوتي کان بغير هفتي ۾ ٽي موڪلون گهرجن ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌائين. گيري ڪونرائي چوي ٿو ته هن ملازمن جي لاءِ هفتي ۾ ٽن موڪلن جو ماڊل گذريل سال جون ۾ اپنايو هيو ۽ ان کانپوءِ سندس سمورن 15 ملازمن ڏنل هدفن کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، ملازمن کي هفتي ۾ ٽي ڏينهن موڪلون ڏيڻ جي پنهنجي نوعيت جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي ٽرائل جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن ۽ ان ۾ شامل 61 مان 56 ڪمپنين ان ماڊل کي مستقل طور تي اپنائي ورتو آهي.