ٽيڪساس (انٽرسٽنگ نيوز): آمريڪي سمنڊ ڪناري تان ملندڙ عجيب ۽ ڪجهه خوفناڪ گڏي ۽ ٻيون شيون نيلامي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن، سال 2022 جي شروع ۾ ٽيڪساس جي سامونڊي ڪنارن تان درجنين پراسرار گڏيون ملي چڪيون آهن. اهي سڀ تمام پراڻيون آهن، ڇو ته ڪجهه جي مٿان سامونڊي جانور بارنيڪل ڦٽي پيا آهن، ڪجه تي سامونڊي گاهه ۽ ڪائي جا نشان آهن، اڪثر گڏيون ڏسڻ ۾ خوفناڪ لڳن ٿيون، جڏهن ته ڪيترين جا هٿ پير به غائب آهن. سائنسدانن ان معاملي تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته سامونڊي ڪنارن تي وهي ايندڙ گڏين جو انگ وڌندو پيو وڃي، ڪجهه گڏين جون اکيون به غائب آهن، جڏهن ته ٽيڪساس يونيورسٽي ۾ واقع سامونڊي تحقيقي اداري به ان کي هڪ عجيب واقعو قرار ڏنو هيو.