سويڊن (دلچسپ نيوز) ڪڏهن اوهان سوچو آهي ته برسات جي مٽي مان خوشبو ڇو ايندي آهي؟جڏهن ان سبب تي غور ڪيو ويو ته هڪ سائنسي راز جو انڪشاف به ٿيو. برسات کان پوءِ يا ان کان اڳ مٽي مان اٿندڙ خوشبو هڪ طرح جي بيڪٽيريا اسٽريپٽومائيسس مان پيدا ٿيندي آهي پر آخر ائين ڇو ٿيندو آهي؟ان جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ سويڊش زرعي يونيورسٽي جي پال بيشر ۽ سندس ساٿين گھڻين جڳهين تان مٽي جا نمونا حاصل ڪيا جن ۾ اسٽريپٽومائيسس جا جٿا موجود هئا.اڳ جو خيال هو ته ان مان خارج ٿيندڙ خاص بوءِ انهن کي زهريلو ثابت ڪرڻ لاءِ هوندي آهي ڇو جو ان گروهه جا ڪجهه بيڪٽيرياز زهريلا به هوندا آهن.پر هاڻ خبر پئي آهي ته بيڪٽيريا بوءِ ان ڪري خارج ڪندا آهن ڇو جو اُهي بنا ڪرهنگي جي هڏي وارن جيتن کي پاڻ طرف راغب ڪري سگھن ته جيئن اهي بيڪٽيرياز وٽ اچي کين وڌيڪ فاصلي تائين کڻي وڃن. اهو عمل برسات کان پوءِ وڌيڪ تيز ٿي ويندو آهي.ان ڪري مٽي ۾ موجود هڪ قسم جي جيت” اسپرنگ ٽيل“ کي پهريان اسٽريپٽومائيسس واري مٽِي وٽ رکيو ويو ته اهي ان طرف راغب ٿيا پر جڏهن مٽي مان بيڪٽيريا هٽايا ويا ته جيت مٽي طرف نه ويا.هوڏانهن مٽي ۾ اسٽريپٽومائيسس ملايا ويا ۽ ان دفعي ماڪوڙن ۽ وڏن جيتن کي ان طرف گھرايو ويو پر اهي ان طرح نه آيا.