بيجنگ(دلچسپ نيوز) چيني ڪمپني جسم جو درجه حرارت ڄاڻيندڙ ٽي ون چشمو تيار ڪري ورتو.ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي چيني ڪمپني طرفان هڪ اهڙو چشمو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو جسم جو درجه حرارت ٻڌائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.پرڏيهي خابرو اداري موجب چيني ڪمپني طرفان تيار ڪيل چشمو ٽي ون ٽئي ميٽر پري کان ماڻهن جو درجه حرارت ٻڌائي سگھي ٿو.چيني ڪمپني موجب چشمو ٻن هفتن ۾ تيار ڪيو ويو جڏهن ته چشمي ۾ انفراريڊ ڪيمرا ۽ سينسر لڳايو ويو آهي.ڪمپني جو چوڻ آهي ته چشمو لڳائي پري کان ئي ماڻهن جي جسم جي درجه حرارت ڄاڻي سگھبي.ان حوالي سان چيني ڪمپني جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گھرج کي ڏسندي هن وقت تائين هڪ هزار چشما تيار ڪيا ويا آهن.