بدين/ ماتلي (نمائندا) بدين جي نوجوان ڊاڪٽر ماتليءَ ۾ ڦليلي ڪئنال ۾ ٽپو خودڪشي ڪري ڇڏي، لاش هٿ نه اچي سگهيو. بدين شهر جي ايگروول ڪالوني جي رهواسي ۽ ناليواري استاد محمد حسن ميمڻ جو نوجوان پٽ 28 سالن جو ڊاڪٽر شعيب ميمڻ ڏيئي ھيلٿ سينٽر جو ميڊيڪل آفيسر هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته هو گذريل رات گهران اهو چئي روانو ٿيو ته کيس ماتليءَ ۾ ضروري ڪم آھي، ٻئي ڏينهن موٽي ايندو. ماتلي پوليس مطابق ڊاڪٽر شعيب ميمڻ گذريل رات ماتليءَ ۾ ڦليلي ڪناري ويهي ڪنهن سان مو بائل فون تي ڳالهائي رهيو هو، ڪجھه دير بعد هن ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. ان دوران اتي بيٺل ماڻھن کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ڪاميابي نه ٿي. ڦليلي ڪناري موجود ماڻهن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڊاڪٽر شعيب ميمڻ جو موٽر سائيڪل ۽ چپل هٿ ڪيا. ٻئي پاسي رات دير تائين انتظاميا پاران وارثن سان تعاون نه ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت حيدرآباد کان گهرايل ٽوٻا ڦليلي ڪئنال ۾ لاش جي ڳولا ۾ مصروف هئا پر دير تائين لاش هٿ نه اچي سگهيو هو. ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر شعيب جي مامي ڊاڪٽر اصغر ميمڻ ٻڌايو ته ڊاڪٽر شعب اهو چئي گهران نڪتو هو ته کيس ماٿلي ۾ ضروري ڪم آهي ۽ ٻئي ڏينهن واپس ايندو. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر شعيب پريشان هجڻ بابت ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو، نه ئي انهي ڏينهن پريشان نظر آيو هو. هن وڌيڪ چيو ته انتظاميا ڪوبه تعاون نه پئي ڪري، پنهنجي مدد پاڻ حيدرآباد مان ٽوٻا گهرائي ڳولا ڪري رهيا آهيون.