بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ سوڌو اسپتال کان گهر منتقل

0
346
بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو پنهنجي نئين ڄاول پٽ سوڌو اسپتال مان گهر منتقل ٿي وئي آهي. بختاور پنهنجي پٽ مير حاڪم علي چوڌري سان گڏ اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر پهتي آهي.

بختاور پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ پٽ جي پيدائش تي واڌايون ۽ دعائون ڏيندڙ ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙ سمورن ماڻهن جا ٿورا به مڃيا آهن. پنهنجي ٽويٽ ۾ بختاور تصديق ڪندي چيو ته اسان کي 17 آڪٽوبر تي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو هو.

 

بختاور ڀٽو زرداري ۽ سندس مڙس محمود چوڌري جي گهر 10 اڪٽوبر تي پٽ جي پيدائش ٿي هئي، جنهن جو نالو مير حاڪم محمود چوڌري رکيو ويو. بختاور جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي پٽ جو نالو پنهنجي مامي مير مرتضيٰ ڀٽو، ڏاڏي حاڪم علي زرداري ۽ سهري محمود چوڌري جي نالي تي رکيو آهي.

ھي به پڙھندا

بختاور ڀٽو زرداريءَ پٽ جو نالو ڪهڙو رکيو؟