ڪراچي: سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل رهندڙ سينيئر قانوندان بيريسٽر ضمير گهمرو سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران قرارداد ۾ کيس قومي ڏوهاري قرار ڏيڻ کي ذاتي حملو قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران پيش ڪيل قرارداد ۾ مون تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ مون موقف رکيو هو ته سنڌ حڪومت بحريا ٽائون کي زمين ناهي ڏني. منهنجو ڪو به هڪڙو جملو اهي ثابت ڪري ڏيکارين ته آئون بحريا جي حمايت ۾ ڳالهايو آهي ته آئون ڏوهاري هوندس. هن چيو ته سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران قرارداد ۾ مون تي ذاتي حملو ڪيو ويو آهي، اهي پهريان به مون کي ٻه ٽي ڀيرا ٽارگيٽ ڪري چڪا آهن، مون تي اهڙا الزام لڳائيندا رهيا آهن.