ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سنڌ سان تعصب رکي رهي آهي، خاص طور تي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي. پنجاب ۾ ترقياتي ڪم ٿين پيا پر سنڌ ۾ 4 سالن م ڪا نئين ترقياتي اسڪيم ناهي آئي، ايڪسپو سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاقي سرڪار پنجاب کي 10صوبائي روڊ ٺاهڻ لاءِ 32 اربن جا فنڊ ڏئي ٿي پر سنڌ کي نظرانداز ڪري رهي آهي، نئين مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ وفاقي حڪومت سنڌ سان اهڙو رويو مناسب ناهي، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته وفاقي منصوبن ۾ صوبن کي برابر حصو ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته هن وقت تائين صوبي ۾ 13 لکن کان وڌيڪ شهرين جي ويڪسين ڪري چڪا آهيون، تعلقي سطح تي 250 موبائل ويڪسين سينٽر قائم ڪيا آهن، جيڪي سرڪاري ملازم ويڪسين نه ڪرائيندا، انهن جي جولاءِ مهيني جي پگهار بند ڪئي ويندي، هن خانگي ادارن کي اپيل ڪئي ته اهي به سنڌ سرڪار جيان پنهنجن مالزمن تي سختي ڪري ويڪسين ڪرائين، هن چيو ته دڪاندارن کي گهرجي ته اهي 14 ڏينهن اندر ويڪسين ڪرائي اهڙو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائين ، هن چيو ته سنڌ پوليس جا 75 سيڪڙو جوان ويڪسين ڪرائي چڪا آهن، هن ڏوراپا ڏيندي چيو ته مون وزيراعظم عمران خان کي چيو هو ته هو وفاقي وزير اسد عمر کي چوي ته ڪراچي وارن کي احتياط ڪرڻ لاءِ اپيل ڪري پر وزيراعظم ائين نه ڪيو، هن چيو ته لاهور ۾ لاڪ ڊائون ٿيو پر ڪنهن معاشي قتل ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي، سنڌ ۾ چيو ويو ته اسان ماڻهن کي بک مارڻ چاهيون ٿا.

ڪراچي: رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي وزيراعليٰ مراد شاهه تي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جو الزام هڻندي آهي ته سنڌ سرڪار تي ڀروسو ناهي، هي وفاق جي پئسي تي چوڌري بڻجڻ چاهين ٿا، وزيراعليٰ سنڌ کي ڳڻتي آهي ته پئسا سندن هٿان خرچ نه ٿيا ته ايندڙ سري محل ڪيئن ٺهندا؟ ڪالهه تي ميڊيا توڙي هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي ذميواري سنڌ سرڪار نه پر سنڌ جي عوام تي پئسا خرچ ڪرڻ آهي، سنڌ جي عوام تي جيتري ترقياتي رقم عمران خان حڪومت خرچ ڪري رهي آهي، ايتري تاريخ ۾ ڪڏهن استعمال ناهي ٿي. موجوده حڪومت هڪ سال ۾ ڪراچي ۽ سنڌ جي 14 ضلعن لاءِ 2 وڏا پيڪيج منصوبا ڏنا، عمران خان سنڌ ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، تحريڪ انصاف ته ڪراچي ۾ 27 اربن جي لاڳت سان اين ڊي ايم اي ذريعي گٽر نالا صاف ڪرائي ڪچرو کڻائي رهي آهي، جيئن عوام کي تڪليفن کان بچائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ سرڪار پهرين ريجنل ڪارڊ کيڏندي چيو ته پنجاب اسانجو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، هاڻ چون ٿا ته وفاق تعصب ڪري رهيو آهي، ان کان وڏو ڪهڙو سنڌ ڪارڊ ٿيندو آهي؟ هي سنڌ ڪارڊ پيا کيڏن، 50 سالن کان اهو ئي ٻڌون پيا. اسد عمر وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پاران پئسا نه ڏيڻ ڪري نئين گاج ڊيم رٿا رڪجي وئي هئي، اسان انهي رٿا تي 100 سيڪڙو پئسا لڳائي رهيا آهيون، ڪراچي کي پاڻي پهچائڻ واري ڪي 4 رٿا سنڌ حڪومت کان مڪمل نه ٿي رهي هئي، جنهن جي ذميواري به اسان کنئي، ڪراچي ۾ گرين لائين بس منصوبو وفاق ۽ سنڌ سرڪار کي گڏجي مڪمل ڪرڻو هو پر ان جي به هاڻ سموري ذميواري وفاق تي آهي، حيسڪو ۽ سيپڪو ۾ بجلي نظام تي 14، 15 ارب رپين جي سيڙپڪاري وفاق ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پنجاب وڏو صوبو آهي پر هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ لاءِ پنجاب کان وڌيڪ رقم رکي وئي هئي، رڳو ڪراچي ٽرانسفارميشن پيڪيج لاءِ 27 ارب رپيا ڏنا. هن چيو ته پ پ 4 ڀيرا وفاق ۾ حڪومت ٺاهي، 6 ڀيرا سنڌ ۾ اقتدار ۾ آئي، ڇا هنن سنڌ ۾ هڪ به موٽروي ٺاهيو آهي؟ هي اسان کان سوال پڇي رهيا آهن ته اين ايچ اي ڇا ڪري رهي آهي؟ اسان 98 ارب رپين سان سکر_ ملتان موٽروي کي مڪمل ڪيو آهي، هاڻ 200 ارب رپيا سکر _ حيدرآباد موٽري تي خرچ ڪرڻ وڃون پيا. هڪ سول جي موٽ ۾ هن چيو ته اسان کي اين اي سي جا اجلاس لاڳيتو ڪرڻ گهرجن ها پر ماضي ۾ به انهي جو سال ۾ هڪ ئي اجلاس ٿيندو آيو آهي، اها روايت هلي رهي آهي، تحريڪ انصاف حڪومت جو انهي ۾ ڪو ڏوهه ناهي. سنڌ انفرااسٽرڪچر ڪمپني (ايس آءِ ڊي سي) ذريعي سنڌ ۾ پيسا خرچ ڪرڻ واري سنڌ سرڪار جي اعتراض تي اسد عمر چيو ته سنڌ جي وزيراعليٰ کي اعتراض انهي تي ناهي ته سنڌ جي عوام تي پئسا گهٽ خرچ ٿي رهياآهن پر ڪاوڙ انهي ڳالهه تي آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام تي سڌي ريت پئسا ڇو خرچ ڪري رهي آهي؟ کين پيسا ڇو نه ٿا ڏنا وڃن؟ هنن کي ڳڻتي آهي ته جيڪڏهن پئسا سنڌ حڪومت جي هٿان خرچ نه ٿيو ته ايندڙ سري محل ڪيئن ٺهندو؟ هي وفاق جي پئسي تي چوڌري بڻجڻ چاهين ٿا، سنڌ حڪومت تي ذرو به ڀروسو ناهي، وفاق سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو رهندو، روڪي سگهن ٿا ته روڪي ڏيکارين. هن چيو ته هي ته ڪورونا ويڪسين تي به چوڌرائپ ٿا ڪن، سنڌ جي عوام کي 100 سيڪڙو ويڪسين وفاق ڏئي ٿو، وفاق کان خيرات ۾ ويڪسين وٺي تصويرون وري پنهنجون لڳائي رهيا آهن، هي ترقياتي ڪمن ۾ به اهو ئي ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڇا ڪنهن ٻئي صوبي ڪڏهن اعتراض ڪيو آهي ته وفاق اسانجي صوبي ۾ ڪم ڇو ڪري رهيو آهي؟ اهو ڪهڙو منطق آهي؟ گذريل اين اي سي ميٽنگ ۾ به سنڌ سرڪار سنڌ ڊولپمينٽ ڪاميٽي تي اعتراض ڪيو، جنهن تي ڪي پي جي وزيراعليٰ چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي اعتراض آهي ته اهو منصوبو ڪي پي ۾ شروع ڪريو، هن چيو ته سنڌ حڪومت تي رڳو مونکي نه پر پاڪستان ۾ ڪنهن کي به ڀروسو ناهي، دبئي، ابوظهبي جون ملڪيتون، فرانس جا محل ڇا ڪنهن ناهن ڏٺا؟ اسان ڪراچي جي 1100 اربن جي پيڪيج ۾ سنڌ حڪومت کي هڪ رپيو به نه ڏئي رهيا آهيون، ان تي ئي ڪاوڙ اٿن. هڪ سوال جي جواب ۾ اسد عمر چيو ته پنج سالن بعد تحريڪ انصاف ڪراچي سوڌو پوري سنڌ ۾ جوابده هوندي، اسان کي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ترقياتي ڪم ڪرڻ جي بنياد تي ملندا.