ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ بحريا ٽائون خلاف قرارداد پيش ڪرڻ ۾ ناڪامي بعد اپوزيشن ليڊر حيلم عادل چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي قديمي ڳوٺن تي هڪ بلڊر سنڌ حڪومت جي مدد سان قبضو ڪري رهيو آهي، مقامي رهواسين کي پوليس جي مدد سان لڏائي سندن گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آئون اپوزيشن ليڊر جي حيثيت ۾ انهي اهم مسئلي طرف ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو، هن مطالبو ڪيو ته ڳوٺن کي ڊاهڻ جو سلسلو روڪرايو ڳوٺاڻن تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.