ٻانڌي (ن پ ا) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ٻانڌي پھچي ويو جسقم اڳواڻ علي ديشي سان سندس وڏي ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي ڳوٺن کي ڊاهيو پيو وڃي ڪراچي جا ماڻهو ننڌڻڪا ناهن، سنڌ جا مالڪ ۽ وارث اسان سنڌي آهيون. ٻيو ڪير به ڪونهي ان لاءِ سڀني کي گڏ بيھڻو پوندو، پنهنجي ڌرتي جي مالڪي ڪرڻي پوندي، تڏهن سنڌ کي بچائي سگهنداسين. پيپلز پارٽي جي دور ۾ بابا کي شھيد ڪيو ويو، مقصود خان قريشي کي شھيد ڪيو ويو، اسان کي اڃا تائين شھيدن جي خون جو انصاف ناھي ملي سگھيو ۽ نه ئي اسان کي انصاف ملڻ جي اميد آھي. سنڌ جي عوام کي چونداسين ته پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪيو ته جيئن پنھنجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪري سگهون. ان موقعي تي جسقم جو سينيئر وائيس چيئرمين امجد مھيسر، ديدار شام، پريس ترجمان آصف رضا مگسي، منور شيخ، شعبان ماٽي، ھاشم لغاري، تعلقي دوڙ جو صدر محبوب خاصخيلي ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ ھئا.