ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، سجاد چانڊيو ۽ ٻين چيو آهي ته بحريا ٽائون واقعي ۾ سندن ڪارڪن نه پر بحريا ٽائون انتظاميا ۽ سنڌ پوليس جا ڇڏيل شر پسند شامل آهن، اسان انهي واقعي جي مذمت ڪندي خانگي ماڻهن جي ٿيل نقصان تي معذرت ڪريون ٿا، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن اعلان ڪيو ته بحريا ٽائون انتظاميا جي سنڌ جي زمينن تي غير قانوني قبضي توڙي سياسي ڪارڪنن، اديبن، دانشورن ۽ ٻين خلاف داخل 30 ڪيسن خلاف 20 جون کان سڄي سنڌ ۾ 45 ڏينهن جي عوامي جاڳرتا تحريڪ هلائڻ بعد حيدرآباد ۾ عام جلسو ڪيو ويندو، هنن چيو ته 6 جون تي اسانجو احتجاج بحريا ٽائون آڏو هو، جڏھن ته انتظاميا سروس روڊ سميت سمورا رستا بند ڪيا ويا، اسانجو پرامن احتجاج هو، جيڪو اسانجو حق آهي، بحريا ٽائون کي سپريم ڪورٽ 16896 ايڪڙ زمين ڏني، سنڌ سرڪار انهي جي ڊيمارڪيشن نه ڪرائي، جنهن ڪري بحريا ٽائون اڳتي وڌي ڦهلجي وئي، اسان بحريا ٽائون جي انتظاميا خلاف پرامن احتجاج ڪيو، جنهن کي هٿ وٺي پر تشدد بڻايو ويو، شرارتي ماڻهن باهه لڳائي. هڪ سوال جي موٽ ۾ ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه چيو ته جن باهه لڳائي، انهن کي پوليس وڃڻ ڏنو، اسان ته شر پسندن جي بحريا ٽائون ڏانهن وڌڻ وقت سندن خلاف ڪارروائي جو مطالبو پي ڪيو، اسان جو مقصد ڪنهن جي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ نه هو، اسان انهي پر تشدد واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته بحريا ٽائون واقعي ۾ سنڌ حڪومت به شامل هئي، اهڙي عمل تي سنڌ حڪومت عوام کان معافي وٺي، هن چيو ته بحريا واقعي جا 30 ڪيس داخل ڪري هزاين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ لساني فسادن جي ڪوشش ڪئي، هن سوال اٿاريندي چيو ته جڏهن سنڌ حڪومت پاڻ چئي چڪي آهي ته باهه ايم ڪيو ايم ڏني ته پوءِ اسانجي خلاف ڪيس ڇو داخل ڪيا ويا؟ ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان سنڌ جون زمينون لٽجڻ ڪونه ڏينداسين، بحريا وارا ملير کانپوءِ ڄامشوري ۽ ٺٽي ڏانهن وڌي رهيا آهن، هن چيو ته حڪمران چون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو چريا آهن جيڪي ترقي جي مخالفت ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي وقت حڪمرانن پاڻ اها ڳالهه پي ڪئي، هن چيوته پ پ 35 سالن کان حڪومت ۾ رهي آهي، اڄ به لياري ۾ پاڻي ناهي، ملير واسي گڏھن تي پاڻي ڀرين ٿا، ٿر جي مائرن جي ڇاتين ۾ کير ناهي جيڪو ٻارن کي پيارين، هي ڪا ترقي ناهي. هن چيو ته اسين ڪنهن کان نٿا ڊڄون، جن جي خانگي ملڪيت کي نقصان پهتو، اسان انهن کان معافي وٺون ٿا پر اهو واضح ڪريون ٿا ته اسان سندن ملڪيتون ناهن جلايون، هن وڌيڪ چيو ته قانون ايڪشن ڪاميٽي خلاف حرڪت ۾ ايندو ته ڀلي اچي، ڪراچي نه اچڻ نه ڏيندو ته ڪا ڳالهه ناهي، اسين 20 جون کان 45 ڏينهن تائين سنڌ جي هر شهر ۾ وينداسين، مهم جي شروعات ٺٽي کان ڪنداسين، جنهن بعد ڪراچي جي هر گهٽي ۾ پڻ اينداسين، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سجاد احمد چانڊيو چيو ته اسان هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهيته بحريا ٽائون واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، جسم جي سربراهه رياض چانڊئي چيو ته حڪومت شاهدين کي مٽائڻ چاهي ٿي، انڪري بحريا ٽائون واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظر عام تي ناهن آندا، سنڌهاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس اهي ثبوت تحويل ۾ وٺي، هوڏانهن ڪالهه دھشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون ڪيس ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي چيئرمين جلال محمود شاھ، ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو ۽ اسلم خيرپور جي 25، 25 ھزار رپين جي مچلڪن عيوض 26 جون تائين ضمانت منظور ڪري ورتي عدالت جلال محمود شاھ جي 19 ۽ ڊاڪٽرقادر مگسي جي 21 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي آھي. ٻئي پاسي دھشتگردي ٽوڙ عدالت بحريا ٽائون واقعي ۾ سيوهڻ مان گرفتار ڪيل ڪارڪن مولابخش نوحاڻي کي ڇنڇر تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.