ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اوڀر جي سيشن ڪورٽ اڳوڻي زال جون اعتراض جوڳيون تصويرون اپلوڊ ڪري هراسان ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار ارشد هادي کي 12 سال ٽيپ ۽ پوڻا 31 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ارشد هادي پنهنجي اڳوڻي گهرواري جون اعتراض جوڳيون تصويرون سندس فيملي کي موڪلي بليڪ ميل ڪيو. جاچ آفيسر موجب متاثر عورت دبئي ۾ رهي ٿي، جنهن پاڪستاني قونصليٽ وسيلي شڪايت داخل ڪرائي، جنهن تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.