بالي ووڊ سندري ڪرينا ڪپور پروڊڪشن جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو

0
377

دهلي(شُوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره ڪرينا ڪپور هاڻي پروڊڪشن جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي. تازين خبرن مطابق ڪرينا ڪپور ايڪتا ڪپور سان گڏ فلم پرڊيوس ڪندي، ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي مشهور ۽ سيف علي خان جي زال ڪرينا ڪپور پاڻ پنهنجي نئين ايندڙ فلم کي پاڻ پرڊيوس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ۽ چيو آهي ته منهنجي پروڊيوس ٿيل فلم جنهن ۾ ايڪتا ڪپور مونسان گڏ ڪم ڪيو آهي. اها فلم منهنجي مداحن کي ڀرپور پسند ايندي. ۽ منهنجي محنت جاري ۽ ساري آهي.