اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن بابت خصوصي ڪميٽي پاران جاچ شروع

0
65

اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي جي الزامن جي جاچ لاءِ جوڙيل اليڪشن ڪميشن جي خصوصي ڪميٽي جاچ شروع ڪري ڏني

راولپنڊي ڊويزن جي 5 ڊپٽي ڪمشنرز ۽ اي ڊي سيز جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا جا الزام رد ڪري ڇڏيا

عملدارن ڪميٽي آڏو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته اسان تي ڌانڌليون ڪرائڻ يا نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪو به دٻاءُ نه هو

خصوصي ڪميٽي رٽرننگ آفيسرز جا بيان به قلمبند ڪندي، ڪميٽي پاران ڊويزن جي 26 قومي ۽ صوبائي تڪن جي آر اوز جا بيان قلمبند ڪيا ويندا

اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا ڊويزن جي سمورن قومي تڪن جا نتيجا تبديل ڪرڻ ۽ هارايل اميدوارن کي کٽرائڻ جا الزام هنيا هئا

اڳوڻي ڪمشنر  ڌانڌلين ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين جي ملوث هئڻ جا الزام هڻندي استعيفا ۽ گرفتاري پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو