اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي جي شهرين طرفان بدامنيءَ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڪري اڳيان احتجاجي مظاهروڪيو ويو. احتجاجي ريلي جي اڳواڻن دلبر علي خاصخيلي، زاهد حسين لاشاري، اسد، جاويد، حيدر، مختيار مير جت، ساجد علي کنڊ، مٺل نوراڻي، ياسين هيسباڻي ۽ٻين دانهيندي چيو ته چورن ۽ ڦورن بااثرن جي پٺڀرائي ۽ پوليس جي نااهلي سبب سرعام وارداتون ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،  گهر کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته بدامني تي ڪنٽرول ڪري امن امان بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ اڪري چودڳي شهر کان مهراڻ هاءِ وي بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو ۽ ايس ايس پي آفيس اڳيان پڻ ڌرڻو هنيو ويندو.