لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ چوٿين ڏينهن به چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد چلڊرين ۽ شيخ زيد وومين اسپتال جي او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري هڙتال ڪئي ۽ او پي ڊي ٻاهران ڌرڻو هنيو، احتجاج ۾ ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن، ينگ نرسز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ۽ ملازمن به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شاهي جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو، غلام حسين جلباڻي، ڊاڪٽر فهيم خشڪ ۽ ٻين چيو ته اڃا تائين رسڪ الائونس ۽ 100 سيڪڙو هيلٿ پروفيشنل الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ملازمن ۾ بيچيني ڦهليل آهي، هنن سمورا مطالبا منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن ملازمن جي بائيڪاٽ سبب لاڙڪاڻي شهر سميت ڏورانهن علائقن مان ايندڙ مريضن توڙي سندن وارثن کي سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي ويو، جيڪي بغير علاج جي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.