حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ ڦرلٽ ۽ چورين جو آزار ختم ناهي ٿي سگهيو. قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي مان ڦورو فرحان شيخ کان موٽرسائيڪل ۽ 70 هزار روڪ ڦر ڪري ويا. متاثر واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي، هوسڙي ڀرسان ڦورو زبير نوناري کان 30 هزار روڪ ۽ موبائل کسي ويا، ساڳئي ٿاڻي جي حد ۾ چور ٽريڪٽر ۽ ٽرڪن جي مستري محسن جي دڪان جا تالا ٽوڙي 5 ڊيزل پمپ ۽ لکن جو سامان چورائي ويا، هوسڙي پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي واقعن بابت متاثر ماڻهن جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف پٻڻ ٿاڻي جي حد شيخ ڀرڪيو-حيدرآباد روڊ تان 3 ڦورو خدا ڏنوکان 24 هزار روڪ رقم ڦري ويا. هڪ ئي ڏينهن دوران شهر ۾ 4 ڦرلٽ ۽ چورين جي واقعن سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو.