اپوزيشن حڪومت خلاف رستن تي نڪري آئي، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

0
166
اپوزيشن حڪومت خلاف

پي ڊي ايم جي سڏ تي اپوزيشن جماعتن پاران اڄ مهانگائي ۽ وفاقي سرڪار خلاف سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور، لاهور، پشاور، سوات، شانگلا ۽ ٻين شهرن ۾ جمعي نماز کانپوءِ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ امپريس مارڪيٽ وٽ جمعي نماز کانپوءِ جي يو آءِ ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن جا ڪارڪن گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن

 

ڪراچي کانسواءِ سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور، لاهور، پشاور، سوات ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، لاهور ۾ مسلم ليگ نون ۽ ٻين جماعتن پاران وفاقي سرڪار خلاف اعلانيل احتجاج لاءِ ڪارڪن گڏ ٿي ويا آهن

ھي به پڙھندا

پي ڊي ايم پاران جمعي نماز کانپوءِ حڪومت خلاف مظاهرن جو اعلان