پي ڊي ايم پاران جمعي نماز کانپوءِ حڪومت خلاف مظاهرن جو اعلان

0
275
ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ (پي ڊي ايم) پاران سڀاڻي جمعي نماز کانپوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ احتجاجي مظاهرن جو شيڊول به جاري ڪيو ويو آهي

پي ڊي ايم پاران جاري ڪيل شيڊول موجب سڀاڻي لاهور ۾ جمعي نماز کانپوءِ جين مندر چوڪ وٽان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. ڪراچي ۾ امپريس مارڪيٽ وٽ جمعي نماز کانپوءِ 3 وڳي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. پشاور، سوات، شانگلا ۽ ڪي پي جي ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪيو ويندو.

ميانوالي ۽ ڀڪر ۾ 24 آڪٽوبر تي احتجاج ڪيو ويندو. پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ترجمان پي ڊي ايم حافظ حمد الله چيو ته صوبائي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون وينديون، جيڪي ضلعي سطح تي مشاورت ڪري احتجاجي مظاهرن جي هنڌن جو تعين ڪنديون

حافظ حمد الله چيو ته حڪومت خلاف سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ مظاهرن جو مدو ٻن هفتن تائين هوندو، جيڪو بعد ۾ وڌائي به سگهجي ٿو. پي ڊي ايم جي قيادت ۽ پارليامينٽ جا ميمبر به انهن مظاهرن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪندا