اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان لنڊن ۾ ان جي صلاحڪار ۽ مسلم ليگ (ن) خيبر پختونخوا جي صدر انجنيئر امير مقام خيبر پختونخوا ۾ اٽي جي بحران جي باري ۾ رابطو ڪيو ، انجينئر امير مقام وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحران جي باري ۾ عوام  ۾ پيدا ٿيل ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم فوري ايڪشن کڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي جي لاءِ اختيارين کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي.