راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران فوج ۽ فوجي آفيسرن تي لڳايل الزامن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي فوج تي الزامن جي مذمت ڪيون ٿا، حاضر سروس فوجي آفيسرن تي ڪوڙا الزام هڻڻ بند ڪري. ان ڏس ۾ پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر عمران خان جي الزامن جي مذمت ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب پي ٽي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام هنيا آهن. حاضر سروس فوجي آفيسرن تي بنا ثبوتن جي الزام تمام غير ذميواراڻا آهن. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته لاڳاپيل سياسي اڳواڻن کي چئون ٿا ته ڪوڙا الزام هڻڻ بند ڪن ۽ ڪوڙن الزامن بدران قانوني رستو اختيار ڪن. آءِ ايس پي آر موجب من گھڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام انتهائي مذمت جوڳا ۽ نه قبولڻ جوڳا آهن. هڪ سال کان عادت رهي آهي ته فوجي ۽ انٽيليجنس آفيسرن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ۽ سياسي مقصدن لاءِ سنسني خيز پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.  آءِ ايس پي آر موجب سياسي مقصدن لاءِ چڙ ڏياريندڙ، سنسني خيز پروپيگنڊا سان نشانو بڻايو وڃي ٿو، ادارو غلط ۽ بدنيتي تي ٻڌل بيانن ۽ پروپيگنڊا تي قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.