ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اي پي ايم ايس او جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پ پ ۾ شامل ٿيا آهن، پ پ ملڪ جي واحد پارٽي آهي، جنهن جي قيادت نوجوان جي هٿن ۾ آهي، بلاول نوجوانن کي اڳتي وٺي هلڻ چاهي ٿو، ڪالهه پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ۾ ايس ايم نقوي، تحسين عابدي ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن ايم ڪيو ايم ترجمان وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حيرت آهي ته سعيد غني جهڙو سينيئر سياسي ورڪر به ڪجهه مفادپرستن جي چڪر ۾ اچي ويو آهي، وسيلن جو غلط استعمال ڪندي ڪجهه ڪارڪنن کي پارٽي ۾ شامل ڪندڙ سعيد غني مڪاني اليڪشن ۾ خاطر خواه نتيجا حاصل نه ڪري سگهندو.