اي وي ايم کي هيڪ نٿو ڪري سگهجي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ انٽرنيٽ سان لنڪ نه آهي: شبلي فراز

0
207
شبلي فراز ڪي پي جي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته اي وي ايم کي هيڪ نٿو ڪري سگهجي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ انٽنيٽ سان لنڪ نه آهي، ڪوئي به اچي اي وي ايم کي ٽيسٽ ڪري سگهي ٿو، اسلام آباد ۾ اي وي ايم مشني بابت ميڊيا بريفنگ ڏيندي هن چيوآهي ته اليڪشن ڪميشن جون سموريون ضرورتون پوريون ڪندي اي وي ايم ٺاهي وئي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندو ته اي وي ايم هن جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو يا نه ؟، اي وي ايم ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نٿي ڪري سگهجي، اي وي اي ۾ ڪنهن قسم جي يو ايس بي لڳائڻ جو سسٽم نه آهي. شبلي فراز چيو آهي ته فارم 45 جو هڪ ڪيو آر ڪوڊ ٺهندوسياسي جماعتون ماهرين کا آڻين ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڏسن، اي وي ايم جي ذريعي سسٽم ويهڻ جو مسئلو پيش نه ايندو، اليڪشن ڪميشن اهو واحد آئيني ادارو آهي جنهن اي وي ايم کي منظور يا رد ڪرڻو آهي.