سرڪاري اسپتالن ۾ عوام کي سهولتون ڪڏهن ملنديون؟

0
262
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ ۾ گورننس جي معاملي تي جيتري تنقيد ٿيندي آهي ايتري تنقيد شايد ئي ڪنهن ٻئي صوبي جي حڪمراني تي ٿيندي هجي،ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ لڳاتار 13 سالن کان هڪ ئي پارٽي جي حڪومت آهي جيڪڏهن مستقل طور هڪ ئي پارٽي ڪنهن صوبي ۾ حڪمران هجي ته ان کي مسئلن جي بهتر نموني پرک هوندي ته ان کي حل ڪرڻ به نون حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ انهن لاءِ آسان هوندو.سياسي مخالفن جي تنقيد ته پنهنجي جاءِ تي پر اها حقيقت آهي جنهن صوبي جي عوام لڳاتار ٽيون دفعو ۽ ان کان اڳ ۾ به الائي ڪيترا دفعا جنهن پارٽي کي چونڊي حڪومت ۾ پئي آندو آهي اها پارٽي سندن مسئلا انهي انداز سان حل نه ڪري سگهي آهي. سنڌ حڪومت وري انهي تنقيد جي جواب ۾ جيڪا پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائيندي آهي انهي ۾ صحت جو شعبو سڀني کان اڳيان اڳيان هوندو آهي جنهن بابت سنڌ حڪومت دعويٰ ڪندي آهي ته انهي صحت جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي ٿيو خاص ڪري اين آءِ سي وي ڊي جو مثال ڏنو ويندو آهي جيڪا ڪنهن حد تائين حقيقت به آهي جنهن ڪري عوام کي دل جي بيمارين ۾ ڪافي حد تائين رليف مليو آهي ۽ عوام کي هروڀرو ڪراچي يا حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ اچڻ جي ضرورت نه ٿي پوي پر جيڪڏهن انهي کي ڇڏي صحت جي عام سهولتن يا عام اسپتالن جو جائزو وٺجي ٿو ته اتي وري ڪاري وارا ڪک نظر اچن ٿا.
سنڌ ۾ ٻن ڏينهن جون ٻه خبرون صحت جي حوالي سان ڪيل دعوائن کي رد ڪري رهيون آهن ۽ اهڙيون خبرون معمول بڻيل هونديون آهن روز ڪنهن نه ڪنهن شهر مان اهڙا واقعا رپورٽ ٿيندا رهندا آهن. حڪومتي سطح تي جيڪڏهن ڪي قدم کنيا وڃن ٿا ته انتظامي سطح تي انهن جي پوئيواري نه ٿي ٿئي جنهن ڪري حڪومت خلاف به مخالفن کي ڳالهائڻ جو موقعو ٿو ملي ته عوام به مسئلا حل نه ٿيڻ سبب ڀوڳيندو رهي ٿو. ٻه ڏينهن اڳ بدين ۾ پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ تحت هلندڙ اسپتال ۾ بسترو نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڳورهاري عورت کي داخل نه ڪو ويو، رهندو ان کي زوري اسپتال مان ڪڍيو ويو جنهن کانپوءِ انهي عورت اسپتان ٻاهران کليل آسمان هيٺان ٻار کي جنم ڏنو،عورت جي وارثن جي احتجاج کانپوءِ ٻار ۽ماءُ کي اسپتال داخل ڪيو .اهڙي طرح هڪ واقعو ڪالهه ڏهرڪي اسپتال ۾ پيش آيو آهي جتي حادثي جو شڪار ٿيل معصوم ٻارڙو علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي ترپي فوت ٿي ويو. جنهن تي مڇرجي معصوم ٻار جي وارثن اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي.اهي ٻئي واقعا ٻڌائين ٿا ته سرڪاري اسپتالن ۾عوام لاءِ ڪي به سهولتون موجود ناهن. جيڪڏهن ڏهرڪي جي اسپتال ۾ زخمي ٻارڙي جو ترت علاج شروع ٿي وڃي ها ته شايد هن جي حياتي بچائي سگهجي ها. اهڙي طرح بدين جي اسپتال جي عملي جي رويئي سبب ٻار ۽ ماءُ ٻنهي جي زندگي جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي هئي. سرڪاري اسپتالن ۾ گهڻي وقت کان ڀڃ ڊاهه جا واقعا ٿي رهيا آهن اهي ان ڪري جو اتان جي عملي جو رويو مريضن سان صحيح نه هوندو آهي يا وري ڪٿي دوائون نه هونديون آهن. جڏهن سرڪار اربين رپيا صحت تي خرچ ڪري ٿي ته اسپتالن ۾ عام ماڻهو کي دوائون يا علاج ڇو نه ٿو ملي؟ هڪ ته مڊل ڪلاس يا سرندي وارا سرڪاري اسپتالن جو رخ ئي نه ڪندا آهن پر جيڪي خانگي علاج جو خرچ برداشت نه ڪري سگهندا آهن ته اهي غريب سرڪار اسپتالن ڏانهن ايندا آهن پر عملي جي رويئي ۽ انتظام نه هئڻ ڪري انهن جون حياتيون هر وقت خطري ۾ هونديون آهن.
اسان سمجهون ٿا ته رڳو سرڪار جو ڪم پاليسيون ٺاهڻ يا بجيٽ جو اعلان ڪرڻ ناهي پر سرڪار جا ذميوار ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ ته جيترو خرچ هو عام ماڻهن جي نالي تي ڪري رهيا آهن ان جو فائدو عام ماڻهو کي ملي ٿو يا وچان ٻيو ڪير انهي تي پنهنجا هٿ صاف ٿو ڪري وڃي. عوام کي دل جي بيمارين جي علاج جون بهتر سهولتون ملڻ سٺي ڳالهه آهي پر عام بيمارين يا عام اسپتالن ۾ به عوام کي علاج جون بهتر سهولتون ملڻ انهن جو حق آهي .