ڪراچي (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار علي قاضي چيو آهي ته ارسا 91ع پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿو ته ڪرائي ته ان جي وجود جو ڪهڙو جواز بچي ٿو. ٽائيم نيوز جي پروگرام اوپينيئن وٿ علي قاضي ۾ ڳالهائيندي سينيئر صحافي علي قاضي چيو ته ارسا 91ع پاڻي ٺاهه جي ڪري ئي وجود ۾ آيو، ارسا ملازمن کي پگهارون ۽ مراعتون سڀ 91ع ٺاهه جي ڪري ملن ٿيون، حيرت آهي ته ارسا چيئرمين اجلاس ۾ 91ع پاڻي ٺاهه جي ڪاپي سنڌ جي ميمبر کي اڇلائي هنئي، چوي ٿو ته ٺاهه جي اهميت ئي ناهي، اها ته بي وقوفاڻي ڳالهه آهي، ارسا چيئرمين ڪجهه ته عهدي جوڀرم رکي.