ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ارسا چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر شاھ چيو آھي ته پاڻي وٺڻ اسان جو حق آھي پر ارسا چيئرمين سنڌ ميمبر تي تشدد ڪيو ، کيس هٽايو وڃي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته هڪ پاسي چوري ته ٻئي پاسي سينا زوري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ارسا چيئرمين صوبن ۾ پاڻي ورهائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آھي، سنڌ حڪومت پاڻي چوري معاملي تي احتجاج جي ڌمڪي ڏني ته نالائق وزيرن جون رڙيون نڪري ويون. ارسا ڄاڻي واڻي تونسا لنڪ ڪئنال کولي سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کي ڏنو. ارسا چيئرمين حدن ۾ رهي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏئي. سنڌ جا آبادگار پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھن.