ايڊيشنل آءِ جي خلاف خط ۽ حقيقتون

0
165
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

فيض کوسو حيدرآباد مان لکي ٿو

اڄڪلهه حيدرآباد جي صحافتي حلقن ۾ هڪ خط وڏي بحث جو موضوع بڻيل آهي. اهو خط مبينا طور وزيراعظم جي سيڪريٽري پاران اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي لکيو ويو آهي جنهن ۾ حيدرآباد ريجن ۾ مقرر ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڊاڪٽر جميل احمد متعلق سنگين الزام سامهون آيا آهن. جيڪو خط ماس ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي ان تي روانگي جي تاريخ 5 مئي 2021ع درج ٿيل آهي. خط ۾ ڄاڻايل آهي ته حيدرآباد ۾ مقرر گريڊ 21هين جو سينيئر ترين ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد مالي ۽ اخلاقي ڪرپشن ۾ ملوث رهيو آهي. هو پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي نه رڳو پنهنجي ريجن جي 15 ضلعن مان 25 کان 30 لک رپيا ماهوار ڀتو وصول ڪري ٿو پر پنهنجي ماتحت عملي جي مقررين ۽ بدلين واري عمل مان به پئسا وصول ڪري ٿو. خط ۾ اهو به چيل آهي ته ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد حيدرآباد جي سرڪٽ هائوس جي ٽن ڪمرن تي قابض آهي جتي سندس 2 پٽ به رهائش پذير آهن جيڪي پنهنجي والد جي عهدي جو ناجائز استعمال ڪن ٿا ۽ فائرنگ ڪري خوف به پکيڙين ٿا. اهو سرڪٽ هائوس شهر جي ڳتيل آبادي ۾ قائم آهي. خط ۾ اسٽيبليشمنيٽ ڊويزن جي سيڪريٽري کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي ته ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد خلاف اها معلومات مختلف ذريعن وٽان وزيراعظم کي پهتي جنهن سندس خلاف سول سرونٽس رولز تحت ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. خط جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن توڙي آءِ جي سنڌ پوليس جي آفيس هي سٽون لکڻ تائين ڪو به تصديقي يا ترديدي بيان جاري نه ڪيو ان ڪري اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته اهو خط اصل آهي يا نه؟ خط جي حوالي سان ڏيڍ ڏينهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ مقرر ايڊيشنل آءِ جي سوشل ميڊيا ذريعي هڪ ترديدي بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن خط کي بي بنياد ۽ ڪوڙو قرار ڏنو آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد جو ڄاڻايل خط جي صحت جي حوالي سان اهو موقف سامهون آيو آهي ته سومر واري شام کان ڏيڍ مهينو اڳ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪو غير تصديق ٿيل خط گردش ڪري رهيو آهي ۽ اهو خط وزيراعظم جي آفيس مان جاري ٿيل ظاهر ڪيو ويو آهي تنهن ۾ سندس خلاف بي بنياد ۽ من گهڙت الزام لڳايا ويا آهن. انهن الزامن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي ۽ نه ئي انهن الزامن متعلق باقاعده ڪا تصديق موجود آهي. اهي سمورا الزام محض مفروضن ۽ ذاتي خواهش تي ٻڌل آهن جن سان حقيقت جو ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته مون پوليس جي ڊگهي نوڪري دوران پنهنجا فرض نهايت ايمانداري ۽ محنت سان انجام ڏنا آهن ۽ ڪڏهن به ڪو اهڙو ڪم نه ڪيو آهي جنهن سان پوليس کاتي يا منهنجي ايمانداري تي ڪو فرق اچي. ڪڏهن به پنهنجي حد کان ٻاهر نه نڪتو آهيان. هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي صحافتي ذميوارين کي انجام ڏيندي خبر جي تصديق کي پنهنجو شعار بڻائين. هاڻي اچو ته خط ۾ لڳايل الزامن ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد جي بيان جو احاطو ڪريون. ايڊيشنل آءِ جي واقعي به حيدرآباد ريجن جي 15 ضلعن جو سينيئر سپروائيزنگ آفيسر آهي ۽ سندس ريجن ۾ مين پڙي، گٽڪي ۽ منشيات جو واهپو عام جام آهي. ايڊيشنل آءِ جي انهن سماجي براين کي روڪڻ لاءِ پنهنجي مقرري کان وٺي هيل تائين ڪا به ڪارروائي ڪري نه سگهيو آهي ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته انهن سماجي براين کي تحفظ ڏيڻ ۾ سندس رضامندي به شامل هوندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سندس ريجن جي ڪنهن به ايس ايس پي يا ڊي آءِ جي کي اها جرئت نه ٿئي ها ته هو انهن سماجي براين جو تحفظ ڪري سگهي ها. مين پڙي، گٽڪي ۽ ٻي منشيات جو واهپو حيدرآباد ريجن ۾ عام آهي ۽ اطلاع آهن ته هر مهيني ان گورک ڌنڌي مان ڪروڙين رپين جي آمدني ٿئي ٿي جنهن مان پوليس کي به وڏو حصو پتي ملي ٿو. ان حصي پتي مان ايڊيشنل آءِ جي کي ڪيترو حصو ملي ٿو تنهن جي خبر ته هڪ خدا کي هوندي ۽ ٻيو انهن پوليس آفيسرن کي جيڪي اهي حصو پتي پهچائڻ جو ڪم ڪن ٿا. حيدرآباد رينج ۾ روزانو جي بنياد تي ڊي ايس پيز ۽ ٻين آفيسرن جون بدليون ٿين ٿيون. اطلاع اهي به آهن ته مقررين ۽ بدلين تي مبينا طور پئسا ورتا وڃن ٿا ۽ ڪنهن به آفيسر کي گهڻو وقت هڪ هنڌ ٽڪڻ نٿو ڏنو وڃي. حيدرآباد ريجن ۾ ڏوهه به وڌيا آهن. جيڪڏهن ايڊيشنل آءِ جي سندس بقول واقعي ئي ايماندار ۽ فرض شناس آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڇو ضلعي جي انهن پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي عمل ۾ نه آئي آهي. خط ۾ 2 الزام آهي ته هو ايڊيشنل آءِ جي سرڪٽ هائوس جي ٽن ڪمرن تي آگسٽ 2020ع جي 28 تاريخ کان قابض آهي ۽ هن سرڪٽ هائوس جي ڪرائي جي مد ۾ اڃا تائين هڪ رپيو به ادا نه ڪيو آهي. سرڪٽ هائوس تي قبضي خلاف حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو ڪمشنر حيدرآباد کي گذريل اپريل ۾ هڪ خط لکيو هو ته اهو سرڪٽ هائوس خالي ڪرايو وڃي ۽ سرڪٽ هائوس جون رهتون به ادا ڪرايون وڃن. ٻيو الزام آهي ته سندس پٽ سرڪٽ هائوس ۾ فائرنگ ڪري خوف پکيڙين ٿا ۽ هو پنهنجي والد جي اختيارن جو ناجائز فائدو به وٺن ٿا ان باري ۾ حقيقت اها آهي ته ڊاڪٽر جميل احمد جا 2 فرزند رافع ۽ علي سرڪٽ هائوس جي ملازمن کي مارڪٽ ڪرڻ ۽ کين رسن سان ٻڌي باندي بڻائڻ واري عمل ۾ ملوث رهيا آهن جنهن تي خود ڊاڪٽر جميل احمد سرڪٽ هائوس جي ملازمن سان معذرت به ڪري چڪو آهي. معذرت وقت ان سرڪٽ هائوس خالي ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي هئي پر هن اڃا تائين سرڪٽ هائوس خالي نه ڪيو آهي.هاڻي جڏهن وزيراعظم جي سيڪريٽري پاران مبينا طور لکيل خط ۽ ڊاڪٽر جميل احمد جو ترديدي بيان سامهون آيو آهي تڏهن اقتدار ڌڻين کي نه رڳو انهن الزامن جي جاچ ڪرائڻ گهرجي پر حيدرآباد ريجن ۾ ٿيندڙ پوليسنگ جو به ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي ته ڇا جيڪي آفيسر پاڻ کي فرض شناس ۽ ايماندار قرار ڏين ٿا تن جو اصل ڪردار ڪهڙو آهي ۽ ريجن ۾ ڇو منشيات سميت سماجي برايون ۽ ڏوهه عام ٿي ويا آهن. گهٽ ۾ گهٽ انهن الزامن تحت ته نه رڳو ايڊيشنل آءِ جي پر ريجن جي سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز خلاف اوس ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.